رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

لاهور: پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي، آسٽريليا جي ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل آهي، قومي ٽيم فتح لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا ٻي ون ڊي ميچ ۾ آمهون سامهون ٿيندا، ڪرڪيٽ ايڪشن 3 وڳي شروع ٿيندو، چوڪن ۽ ڇڪن جي بهار ايندي، وڪيٽون به مسلسل ڪرنديون.

پهرين ون ڊي ميچ ۾ 88 رنسن تان کٽڻ کانپوءِ آسٽريليا سيريز کٽڻ لاءِ پراميد آهي. ٻئي طرف قومي ٽيم به ڪاميابي لاءِ سخت محنت ڪئي آهي. جڏهن ته شاداب خان ۽ شاهين آفريدي جي قومي ٽيم ۾ واپسي فٽنس ٽيسٽ تي مشروط آهي. مهمان ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل آهي، ٽئي ميچون آءِ سي سي ورلڊ سپر ليگ جو حصو آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button