رانديون

آسٽريلوي آل رائونڊر مچل مارش انجري سبب سيريز مان آئوٽ

لاهور: آسٽريلوي آل رائونڊر مچل مارش پاڪستان خلاف وائيٽ بال سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هپ جي انجري ۾ مبتلا مچل مارش صحتياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب آل رائونڊر ٽيم کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هو اڄ وطن واپسي لاءِ دبئي روانو ٿيندو.

مچل مارش پهرين ون ڊي ميچ کان اڳ هپ جي زخم ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن سبب هو پاڪستان خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيو. ٻئي طرف آسٽريلوي بيٽسمين ميٿيو رنشا لاهور پهچي ويو آهي، لاهور پهچڻ تي سندس پي سي آر ٽيسٽ ڪرايو ويو، جنهن بعد هو آئيسوليشن ۾ هليو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button