رانديون

ليٿم جي سنچري، نيوزيلينڊ نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز ئي کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٻي ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽام ليٿم جي 140 رنسن سميت 264 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 9 بيٽر آئوٽ ٿيا هئا. جڏهن تھ ڪپتان ٽام لٿم 140 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. ڊوگ براسويل 41، هينري نڪولس 19 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ  جواب ۾ نيڌرلينڊ 146 تي آئوٽ ٿي 118 رنسن تان شڪست کاڌي آهي، سندس بيٽرن مان ڪوبھ بيٽر وڏو اسڪور نھ ڪري سگهيو، بيس ڊي ليڊي 37 ۽ وڪرم جيت سنگهه 31 رنسن سان نمايان رهيا. نيڌرلينڊ جي بالرن لوگان وان بيڪ 4 ۽ فريڊ ڪلاسان 3 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button