رانديون

آسٽريليا ويمن ورلڊ ڪپ جو ستون ڀيرو چيمپيئن بڻجي ويو,انگلينڊ کي 71 رنسن تان شڪست

آسٽريليا ويمن ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي ستون ڀيرو چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ويمن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا 5 وڪيٽن تي 356 رنسون ٺاهي انگلينڊ ويمن کي وڏو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ انگلينڊ ويمن جي ٽيم 44 اوور ۾ 285 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ بيٽر نيٽ سيور جون 148 تي ناٽ آئوٽ رهڻ بھ ٽيم جي ڪاميابي ۾ مددگار ثابت نھ ٿي سگهيو آهي. آسٽريليا جي ايليسا هيلي 170 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ٽيم کي چيمپيئن بڻجڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ٻين بيٽرن مان ريچل هائينس 68، بيٿ موني 62 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. آسٽريليا جون بالر جيس جوناسين ۽ ايلانا ڪنگ 3،3 ۽ ميگن شٽ 2 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ ايليسا هيلي 170 رنسن ٺاهڻ تي پليئر آف دي ٽورنامينٽ ۽ پليئر آف دي ميچ جا اعزاز ماڻي ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button