ڪرڪيٽ جيان هاڪي ۾ مختصر فارميٽ کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ 5 رانديگرن تي ٻڌل ٽورنامينٽ ڪرائڻ جي پڻ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جو ڪرڪيٽ ۾ ٽي 20 جيان هاڪي ۾ 20 منٽن جي راند متعارف ڪرائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن تحت هاڪي جي ميچ هڪ ڪلاڪ بدران 20 منٽن جي ٿيندي، هڪ هاف 10 منٽن تي رکڻ جو سوچيو ويو آهي. هوڏانهن انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پهريون ڀيرو هاڪي ۾ 11 بدران گول ڪيپر سميت 5 رانديگرن تي ٻڌل فائيو اي سائيڊ ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن تھ مختصر رانديگرن تي ٻڌل ٽورنامينٽ 4 ۽ 5 جون تي سوئٽرزلينڊ جي شهر ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان بھ شرڪت ڪندو. ٽورنامينٽ پاڪستان جي 10 رڪني انڊر 23 ٽيم شريڪ ٿيندي ۽ ان جا ٽرائل ٿي چڪا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close