رانديون

بيجنگ اولمپڪس جي 148 گروپن ۽ ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

چين ۾ سرمئي بيجنگ اولمپڪس جي 148 گروپن ۽ 148 ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا آهن، جيڪي ملڪ جي صدر ۽ ٻين اختيارين ورهايا. ميڊيا مطابق چيني صدر شي جن ڦنگ سرمئي اولمپڪس راندين جي ڪامياب ايونٽ جي خوشي ۾ منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ چونڊيل ماڻهن ۽ گروپن کي ايوارڊ ڏنا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چين جي صدر شي جن ڦنگ چيو تھ شاندار سرمئي اولمپڪس ڪرائڻ جو واعدو چين پورو ڪري ڏيکاريو، جنهن سان بيجنگ دنيا جو پهريون اولمپڪس ڊبل سٽي شهر بڻجي ويو آهي. هن جو چوڻ هو تھ چيني عوام ثابت ڪيو تھ اولمپڪس تحريڪ جي ترقي، دنيا جي اتحاد ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو عزم رکي ٿو. چيني صدر جو چوڻ هو تھ بيجنگ ۽ جانگ جياکو راندين جي عالمي تنظيمن سان گڏجي ميزبان شهرن طور ڪم ڪيو، ان دوران ڪووڊ سميت ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ چيلنجز کي پڻ اسان منهن ڏنو ۽ دنيا آڏو محفوظ، سادو ۽ شاندار اولمپڪس ايونٽ منعقد ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button