
ڏکڻ آفريقا جا ٻھ اهم ڪرڪيٽر ڪرونا وبا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن بعد اهي بنگلاديش خلاف سيريز مان بھ نڪري ويا آهن. ميڊيا مطابق سارل ايروي ۽ ويان ملڊر جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جن کي باقي اسڪواڊ کان ڌار ڪري ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ هاڻ اهي ٻئي رانديگر بنگلاديش خلاف سيريز جي باقي ميچن ۾ شرڪت نھ ڪري سگهندا.