ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي موڪلاڻي ۽ نئين حڪومت جي آمد

Editorial-Article-Ali Thaheem

نيٺ عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿي وئي ۽ هو هاڻ اڳوڻو وزيراعظم بڻجي ويو آهي. عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿي ته پهرين 3 اپريل جي تاريخ مقرر ٿي پر ان ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خط جو حوالو ڏئي اها رٿ هڪ ڌڪ سان اڏائي ڇڏي جڏهن ته قاسم سوري جي اهڙي حرڪت سان قانون معطل قرار ڏنو ويو. پ پ پ ۽ پي ڊي ايم جون پارٽيون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ تي عدالت پهچي ويون، عدالت فيصلو ٻڌائي ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇنڇر 9 اپريل تي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.
عدالتي حڪم تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ته وقت تي گهرايو ويو پر اجلاس کي اجائي ڊيگھه ڏيڻ شروع ڪئي وئي. سرڪاري وزيرن مشيرن ڊگهيون تقريرون شروع ڪري ڇڏيون جيئن وقت کوٽي ڪيو وڃي. اسپيڪر بار بار چوندو رهيو ته رٿ پيش ڪرايون ٿا، ائين قومي اسيمبليءَ ۾ ڊگهيون تقريرون ڪيون ۽ ڪئين وقفا ڪيا ويا پر مخالف ڌر وارا بک اڃ تي وڏي صبر جو مظاهرو ڪندي صبح ڏهين وڳي کان رات 12 وڳي تائين قومي اسيمبلي هال ۾ قيد ٿي ويٺا رهيا. ان دوران مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڪنهن خدشو ڏيکاريو ته توهان جا جيڪڏهن چار پنج ميمبر هال کان ٻاهر نڪتا ته پٺيان هال جا در بند ڪري ڳڻپ ڪرائي ويندي. ائين خوف سبب سڀني اتحادي پارٽين جا ميمبر قومي اسيمبلي هال ۾ قيد ٿي ويٺا رهيا هڪڙي عمران خان سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن کي آڱرين تي نچايو پئي ويو. خاص طور تي رات جو ڏهين وڳي کان 12 تائين وارا ٻه ڪلاڪ اهڙا هئا جو قومي اسيمبلي ته پري سڄي ملڪ تي سڪتو طاري ٿيل هو ته هاڻي الائي ڇا ٿيندو. پل پل تجسس ۾ پئي گذريو. انهن ٻن ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ مارشل لا جي امڪانن کان ويندي، هڪ اهم پوسٽ واري آفيسر جي تبديليءَ جا افواهه به گردش ڪندا رهيا. انهن ٻن ڪلاڪن دوران هر سيڪنڊ ۾ نئين ڳالهھ سامهون ايندي رهي. آخري ڪلاڪ دوران اسپيڪر ۽ عمران خان وچ ۾ ملاقاتن کان سواءِ عدالتون به تحرڪ ۾ اچي ويون، رات 11 وڳي کان پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون آفيسون کولي قومي اسيمبلي آڏو ٻه قيدين واريون ٽرڪون بيهاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي ريڊ زون رينجرس ۽ ٻين فورسز حوالي ڪيا ويا هئا. آخري ڪلاڪ ۾ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ شارجا واري ڪرڪيٽ ڪپ جو فائنل هلي رهيو هو، جنهن ۾ هڪ بال تي پاڪستان کي ڇڪي جي ضرورت هئي ۽ آخر جاويد ميانداد اهو تاريخي ڇڪو هڻي ميچ کٽرائي ورتي هئي. هتي به اهڙي ئي صورتحال هئي.
بهرحال قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر جيڪو قانون ۽ آئين سان بيهڻ بدران عمران خان سان بيٺو هو. هن اسيمبلي ٻاهران ٽرڪون ڏسي دڄي ويو ۽ رات جو 11 لڳي 45 منٽن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ائين عمران خان خلاف ڪجھه دير ۾ بي اعتمادي رٿ پيش ڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو. لازمي طور ان ڏينهن ووٽنگ ٿيڻي هئي ۽ شهباز شريف کٽي وڃي ها.
ملڪ جي سياسي پارٽين قوم کي بنا ڪنهن سبب ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي. 2018ع کان اڳ عمران خان قوم سان وعدا ڪيا هئا ته آئون اقتدار ۾ اچي قوم جي تقدير بدلائي ڇڏيندس. هڪ ڪروڙ نوڪريون، پنجاهه لک گهر ڏيندس، مهانگائي ختم ٿيندي، لٽيل دولت واپس ايندي. پر هن چئن سالن ۾ ڪجھه به نه ڪيو، الٽو ملڪ ۾ مهانگائي بيروزگاريءَ جي بازار گرم ٿيندي وئي. ڪرپشن عروج تي پهچي وئي. ڊالر 190 جو ٿي ويو. جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان اچي ويو. عمران خان اڪثر قوم کي ٻڌائيندو هو ته ايندڙ ڪجھه مهينن ۾ ملڪ جون حالتون بهتر ٿي وينديون پر اهي مهينا اڃا تائين ڪنهن کي به نظر نه آيا آهن. عمران خان چين جي سي پيڪ منصوبي کي بند ڪري پاڪستان کي چين کان پري ڪري ڇڏيو. ملڪ ۾ سندس حڪومت پاران ڪو ميگا پراجيڪٽ شروع نه ڪيو ويو، جنهن جو مثال هو ڏئي دعويٰ ڪري سگهي ته فلاڻو پراجيڪٽ اسان شروع ڪرايو. بهرحال عمران خان ڪوڙ سوڙ هڻي پنهنجا پوڻا چار سال پورا ڪيا، هاڻي واڳون ملڪ جي سينيئر ۽ کڙپيل سياستدانن جي هٿن ۾ آيون آهن. اهي پارٽيون اڳ به ٽي ٽي ڀيرا اقتدار ۾ رهي چڪيون آهن. هاڻ ملڪ جو نئون وزير اعظم ميان شهباز شريف آهي. اهي پارٽيون قوم جون آزمايل آهن، پر ڇا ڪجي هن ملڪ ۽ قوم کي ڦري سري انهن جا چهرا ڏسڻا ٿا پون. هاڻي عمران خان کي هٽائي جيڪي پارٽيون اقتدار ۾ اينديون ڇا اهي قوم کي رليف ڏيارينديون؟
منهنجو خيال آهي مهانگائي ۽ بيروزگاري واريون حالتون ساڳيون رهنديون. اهي وري عمران خان تي الزام لڳائيندا ته اهو ملڪ کي تباهه ڪري ويو آهي. اصل حقيقت اها آهي ته انهن پارٽين کي نه قوم جو فڪر آهي نه ملڪ جو پر انهن پارٽين عمران خان کي هٽائي پاڻ سک جو ساهه کنيو آهي. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ نيب انهن جو پيڇو ڇڏي هاڻي يقينن عمران خان ۽ سندس ٽولي پٺيان لڳندي پوءِ قوم کي ڀاشڻ ڏنا ويندا ته سڀ ڪجھه آئين ۽ قانون تحت ٿي رهيو آهي. جيستائين هي اقتدار ۾ هوندا مخالفن جو جيئڻ جنجال هوندو. قوم کي ڇا ملندو، قوم کي نعرا هڻڻ کان سواءِ ڪجھه به نصيب نه ٿيندو.
منهنجو تعلق ڪنهن به پارٽيءَ سان نه آهي، پر مون عمران خان کي آخري وقت تائين جنهن دليريءَ سان فيصلا ڪندي ڏٺو. هن حالتن، نتيجن جي بلڪل پرواهه نه پئي ڪئي ۽ آخري وقت تائين مخالفن لاءِ ڏکيو ثابت ٿيو. ليڊر کي ائين دليريءَ سان فيصلا ڪرڻ گهرجن. ان رات به ادارا سامهون نه اچن ها ته عمران خان سڀني پارٽين کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريو ويٺو هجي ها. انهن کي وٺ نه ڏي ها، وقت ۽ حالتن کيس آئين ٽوڙائڻ تي مجبور ڪيو جنهن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو ۽ بي اعتمادي رٿ تي فيصلو اچڻ کان پوءِ ڇنڇر 9 اپريل تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم ڏنو ويو هو. ان ڏينهن کي به هن خوب انجواءِ ڪيو. هن ملڪ جي پيڙيل عوام کي سياستدانن جي ڄنڊا پٽ سان ڪا دلچسپي نه آهي. قوم چاهي ٿي ته ان کي ڪجھه رليف ملي. عام واهپي جي شين تي کين رليف ملي. بيروزگاريءَ تي ڪنٽرول ٿئي. صحت، تعليم جون مفت سهولتون کين ملن، امن امان جي صورتحال بهتر هجي، پوليس ۾ سڌارا آڻي ان کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ٻيو هن قوم کي ڇا ملندو.
هاڻي ڏسون ٿا ته عمران خان جي اقتدار کان الڳ ٿيڻ ۽ گڏيل اتحاد جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪهڙيون تبديليون ٿيون اچن. هاڻ نئون چونڊيل وزير اعظم ڪهڙي ريت عوام کي رليف ٿو ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button