
انهن ڏينهن ۾ قاضي جاويد جو حيدرآباد ۾ اچڻ گهڻو هوندو هو. يا ته ناز سنائي وٽ قاضي فيض محمد جي يادگيرين وارو مسودو ڇپائڻ لاءِ ڏنل هو، ان ڪم جي جانچ لاءِ ايندو هو، يا وري سندس ڀاءُ حيدرآباد رهندو هو. پر هن جي حيدرآباد ۾ اچڻ سبب اسان جون ساڻس ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر چواڻي اسان جي ڪامريڊن جي پونئيرن ۾ ٻي ته ڪا گهڻي اميد ڪونه ٿا رکون، پر هو رڳو انهن جون ورسيون ڪن ته به سندن مهرباني ٿيندي.” ڪامريڊ مير محمد ٽالپر وڏو فصيح ۽ بليغ مقرر هو. هو پنهنجي ڪامريڊ دوستن جي اولاد سان تمام گهڻي هجائتي انداز ۾، ڳالهائڻ جو به عادي هو. بلڪل ائين، جيئن ڪو ڪن مان جهلي ڳالهه ڪري. هڪ دفعي قاضي فيض محمد جي ورسيءَ جو پروگرام حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ ٿي رهيو هو. سڄو هال ماڻهن سان سٿيل هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر يڪو قاضي فيض محمد جي سياسي جدوجهد تي ڳالهائيندو رهيو، انهيءَ ئي رواني ۾ اچانڪ پلٽو کائي چيائين، مون سندس پٽ بابت ٻڌو آهي، وڏو راشي انجنيئر آهي. قاضي صاحب بابت ڳالهائيندي جڏهن اهڙيون ڳالهيون ٿينديون هيون، اتي وري قاضي فيض محمد جي گهر واري جو ذڪر ٿيندو هو. قاضي صاحب سدائين جيل ۾ يا ريل ۾. ٻارن کي قاضي فيض محمد جي گهر واريءَ پڙهايو. اتي وري قاضي فيض محمد جي اولاد ۾ سندس سلڇڻي ڌيءَ ارشاد عباسي ۽ متحرڪ پٽ جاويد قاضي جو به ذڪر ضرور ٿيندو رهيو آهي. جن قاضي فيض محمد جا ڪتاب ڇپائڻ کان وٺي، سندس ورسيون ملهائڻ تائين ڪوبه اهڙو موقعو ضايع نه ڪيو هوندو، جنهن ۾ قاضي صاحب جي ڳالهه يا ذڪر نه ڪيو هجي. صحافين جي وفد ۾ جاويد قاضي جو جڏهن بنگلاديش وڃڻ ٿيو، ته ان وقت، هو ڍاڪا ۾ هئڻ دوران حسينا شيخ سان مليو ۽ ساڻس ڪجهه گهڙيون شيخ مجيب ۽ قاضي فيض محمد جون ڳالهيون شيئر ڪيون. قاضي فيض محمد جي ورسين جي پروگرامن ۾ ظاهر آهي، ان ۾ قاضي صاحب جو سڄو ڪٽنب شامل هوندو، پر ادي ارشاد ۽ جاويد قاضي هميشه اڳيان رهيا. نوشهروفيروز ۾ قاضي فيض محمد جي ورسيءَ جي پروگرام ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏوگڏ مير حاصل بزنجو ۽ جان بليدي به شامل هيو. جيڪي قاضي صاحب جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي پوءِ نوشهروفيروز جي جلسي ۾ پهتا هئا. قاضي فيض محمد جي ورسيءَ جا سمورا يادگار پروگرام ٿيندا رهيا آهن. ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي اوپن آڊيٽوريم ۾ قاضي فيض محمد جي ٿيندڙ ورسي ۾ عاصمه جهانگير خاص مهمان طور آيل هئي. سڄو آڊيٽوريم ڪراچي جي مڊل ڪلاس، اپر مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ۽ لبرل فيمليز جي عورتن ۽ مردن سان ڀريل هو، مون ڏٺو ته ڊاڪٽر هارون به اڳئين صف ۾ ويٺل هو. عاصمه جهانگير چيو جاويد تو چيو هو ته هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جو پروگرام آهي، آئون ان ڪري آئي هيس. هتي ڪٿي آهن، هاري؟ قسمت سان ويرو ڪولهي پروگرام ۾ موجود هئي ۽ اٿي بيٺي، چيائين آئون آهيان هارياڻي. ان کان پوءِ مس وڃي قاضي جاويد جي ضمانت ٿي.”
انهيءَ ڏينهن به ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي هڙتال جو سڏ ڏنل هو ۽ سڄي شهر ۾ ڪڪڙو ڪو هو. انهيءَ ڏينهن قاضي فيض محمد جي ورسيءَ جو آواري ٽاورز جي لان ۾ پروگرام رکيل هو. پروگرام جي ختم ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد مان آيل ڪجهه مهمانن کي ليٽرس اڪيڊمي جي گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ رهايو ويو هو. انهيءَ رات واري ڪچهري ۾ رسول بخش پليجو صاحب به اسان سان گڏ انهيءَ گيسٽ هائوس ۾ موجود هيو. جنهن کي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو هو. ان جي فلائٽ ۾ ڪجهه دير هئي، ان ڪري اوسيتائين اتي ترسيل هيو. اسان پليجي صاحب جي ڪچهري جي ردم ۾ گم هجون. ورسيءَ جي پروگرام ۾ فخرالدين جي ابراهيم پنهنجي تقرير ۾ “قرآن شريف جو ٻئي ڪنهن ٻولي ۾ سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي ۾ ٿيو هو” جو ذڪر ڪيو هو. اسان انهيءَ علمي ڳالهه بابت پليجي کان ٻڌي رهيا هئاسون. ڪچهري پنهنجي عروج تي متل هئي، ته اچانڪ جاويد قاضي دانهون ڪندو ڀڳو آيو، “سامان لڪايو، سامان لڪايو” آپي اچي وئي. اوستائين ڳاڙهو اڇو سڀ سامان لڪي وهاڻن هيٺان لڪايو ويو. اسان سڀ پنهنجا منهن سڌا ڪري ويهي رهياسين. آپا ارشاد اچي سڀني کي کيڪاريو ۽ پروگرام ۾ اچڻ تي ٿورا مڃيا. هوءَ پليجي صاحب جو خصوصي طور تي پروگرام ۾ اچڻ تي شڪريو ادا ڪرڻ آئي هئي. ان دوران ڪجهه گهڙيون هوءَ پليجي صاحب سان ڳالهين ۾ گم ٿي وئي. ٿوري دير کان پوءِ هڪ هڪ سان مخاطب ٿي وري سڀني جا ٿورا مڃيا. هڙتال جو ذڪر ڪيو ۽ چيو اسان ڪراچي وارا ته انهن جي هڙتالن ۾ اٿڻ ويهڻ سکي ويا آهيون. پر اوهان حيدرآباد مان ايندڙن کي تڪليف ٿي هوندي. اسان جيڪي اڳ ۾ جنهن موضوع تي ڳالهائي رهيا هئاسون، اهو بند ڪري، آپا ارشاد سان ورسيءَ جي ڪامياب پروگرام ۽ قاضي صاحب جي شخصيت تي ڳالهائڻ لڳي وياسين. اتي اها ڳالهه نڪتي، جيڪا پليجي صاحب قاضي فيض محمد جي سلسلي ۾ ڪشمير جي جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ وڃڻ واري ڪئي هئي، ان بابت به ذڪر نڪتو. پوءِ خبر پئي ته قاضي فيض محمد ان وقت خاڪسار تحريڪ ۾ هوندو هو ۽ علامه مشرقي جي اپيل تي ڪشمير جنگ لاءِ ويو هو.
پليجي صاحب ان زماني جي خاڪسار تحريڪ ۽ علامه مشرقي تي ڳالهايو، جنهن ان زماني جي هر متحرڪ مسلمان کي پنهنجي جذباتي نعرن ۾ قيد ڪري رکيو هو. پليجي صاحب هندستان جي ان وقت جي سڀني مسلمان سياستدانن جا نالا کنيا، جيڪي قائد اعظم کان سواءِ سڀ جا سڀ مذهبي ۽ مولوي هئا. ٿوري ٻئي ڪچهري کان پوءِ آپا ارشاد موڪلايو ۽ چيائين ته ڏسان ڪنهن شيءِ جي ڪا کوٽ ته نه آهي. هوءَ ان وقت ليٽرس اڪيڊمي ۾ سنڌ جي ڊائريڪٽر هئي. ان ڪري قاضي جاويد جي موجودگيءَ جي باوجود هو وڌيڪ انتظامي معاملا ڏسڻ لاءِ پهتي هئي. آپا جي وڃڻ کان پوءِ ويهاڻن جي هيٺان لڪل سامان ٻاهر نڪتو ۽ ڪچهري جنهن هنڌ تي رڪيل هئي. اتان شروع ٿي وئي. ڳالهه اها پئي هلي جو، ان وقت عوامي تحريڪ سنڌ جي پرائمري تعليم جي تباهيءَ جو ذڪر ڪندي، پروگرام جي خصوصي مهم شروع ڪرڻ چاهي ٿي. پروگرام موجب تعلقي سطح تي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي اتي جي پرائمري تعليم جي عملدارن، استادن، پ ٽ الف جي عهديدارن، صحافين ۽ وڪيلن کي گڏ کڻي بند پيل اسڪولن جي استادن کي ۽ ڳوٺن جي نيڪ مردن کي اپيل ڪرڻ هئي ته پنهنجا اسڪول سنڀاليو.” پليجو صاحب انهيءَ مهم جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وي سي مظهر الحق صديقي کي مهم ۾ شريڪ ٿيڻ واري دعوت ڏئي چڪو هو. هاڻ اسان جيڪي اتي موجود هئاسون سڀني کي ان مهم ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏئي، فردن فردن هڪ هڪ کان پڇڻ شروع ڪيو، تون اسان سان هلندين. تنهنجو نالو لکون. هڪ نوجوان ساڻس گڏ هيو، ان تي ڪم رکيائين، بابا جيڪو ها چئي ان جو نالو ۽ فون نمبر لک.” اتفاق اهو هو ته جتان پليجي صاحب پڇڻ ٿي شروع ڪيو، ان پاسي پهريون آئون هئس. مون کان پڇيائين تون هلندين. مون چيس نه سائين، پڇيائين ڇو؟ مون چيس ته آئون پنهنجي صحافي ڀائرن جي خلاف ڪنهن مهم جو حصو ڪيئن ٿيان .” اتان ڳالهه جو موضوع ئي مٽجي ويو. چيائين ڇا سڀ صحافي ماستري ڇڏيو، صحافي ٿيو پيا هلن؟ چيمانس رڳو صحافي نه، پر سياسي ورڪر به ٿيو پيا هلن. اتي ڪچهري ۾ موجود ڪجهه دوستن ماستر سياسي ورڪرن جا نالا کڻڻ شروع ڪيا. جن ۾ ڪجهه عوامي تحريڪ جي ورڪرن جا نالا به کڻي ورتا. پر ڳالهه ۾ اختلاف اتان شروع ٿيو، جڏهن انعام شيخ پليجي صاحب کي چيو ته پرائمري تعليم بنيادي آهي، پر ان مهم ۾ ڪجهه وڌيڪ ڏکيائيون آهن. اوهان ان مهم جي شروعات سنڌ يونيورسٽي کان ڪريو، وي سي مظهرالحق صديقي ته هونءَ ئي اوهان سان ان مهم ۾ گڏ آهي. پليجي صاحب ترش لهجي ۾ سختي سان انعام شيخ کي چيو، تون مون کي مظهر الحق صديقي سان ويڙهائڻ ٿو چاهين؟ ڳالهه ڪجهه تلخي ۾ وڃڻ سبب ۽ پليجي صاحب کي اسلام آباد وڃڻ واري فلائٽ جو ٽائيم ويجهو هئڻ ڪري موڪلائي هليو ويو. اسان صبح جو جڏهن ٽي وي کولي ته پليجو صاحب ڳاڙهي ٽائي سان ڪانفرنس ۾ موجود هو.”
آپا ارشاد شيخ اياز ميلي ۾ حيدرآباد آيل هئي. ميلي جي رش جي باوجود سڏ ڪري ملي ۽ چيائين جاويد جي سڀني دوستن جي شڪلين جا فريم مون وٽ محفوظ ٿيل آهن.
” آئون انهيءَ ڏينهن عطا محمد ڀنڀري وٽ ويٺو هوس. ڀنڀري صاحب ادي ارشاد عباسيءَ جي ڳالهه ڪئي، جنهن پنهنجي والد قاضي فيض محمد تي ڪتاب لکيو آهي. ان تي مهاڳ لکائڻ لاءِ عطا محمد ڀنڀري وٽ آئي هئي. ڀنڀري صاحب شگر جي وڌي ويل بيماري ۽ اکين کان نه ڏسي سگهڻ سبب معذوري ظاهر ڪئي. پر ادي ارشاد کيس هجت ۾ چيس ته جيڪڏهن تون مهاڳ نه لکي ڏيندين ته هي ڪتاب ڪونه ڇپبو. مون کي خبر ناهي ته عطا محمد ڀنڀري ان ڪتاب جو مهاڳ لکيو الائي نه، پر منهنجي پڇڻ تي قاضي جاويد ٻڌايو ته اهو ڪتاب ڪونه ڇپجي سگهيو آهي.