ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران جي استعيفيٰ ۽ عوام جو احتجاج

Editorial-Article- Ajaz Mangi

نيٺ اهوئي ٿيو. جيڪو ٿيڻو هو. عمران خان جي سموري پارٽيءَ قومي اسيمبليءَ تان استعيفيٰ ڏني. 174 ميمبرن ميان شهباز شريف کي ملڪ جو 23 وزيراعظم بڻايو. هاڻي ته صدر عارف علوي به شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هو بيماريءَ جو سبب پيش ڪري آرام ڪري رهيو آهي. جڏهن ته شهباز شريف کان حلف سينيٽ جو چيئرمين وٺندو. عمران خان جا مخالف هن کي ڀلي ڀڳوڙو چون پر عمران خان بنيادي طور تي هڪ ضدي شخص آهي. هو ڪنهن به طور تي مخالف ڌر کي اقتدار ۾ ڏسڻ نه ٿو چاهي. آمريڪا ته هڪ بهانو آهي. هن جو خيال آهي ته جهڙي طرح ٻنهي پ پ ۽ ن ليگ کي اقتدار جون ڪيتريون ئي واريون مليون آهن. هن کي به ڪجهه وقت لاءِ سڪون سان سرڪار جا مزا ماڻڻ جو حق هجڻ گهرجي. هو جيڪو ٽي ڏينهن اڳ ڪافي گهٻرايل هو پر پنهنجي ملڪي ۽ بين الاقوامي شهرت ڏسي هن ۾ وري نئون جنون جاڳي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن شاهه محمود قريشيءَ کان وزارت اعظميٰ جي اليڪشن جو فارم ته ڀرايو پر آخري وقت تي هن مخالف ڌر کي هڪ ٻيو سرپرائز ڏيندي نه صرف چونڊن ۾ حصو نه ورتو بلڪه هن پنهنجي پارٽيءَ سميت پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏئي بقول سندس “امپورٽيڊ حڪومت” جو مقابلو روڊن ۽ رستن تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڇا عمران خان شهباز شريف جي حڪومت کي سڪون سان هلڻ ڏيندو؟ ڇا عمران خان ۾ ايتري سگهه آهي جو هو حڪومت کي عوام جي طاقت سان ايترو پريشان ڪري جو هن جي مخالفن لاءِ حڪومت هلائڻ عملي طور تي ناممڪن ٿي وڃي؟
سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي. پر سچائي پنهنجي جاءِ تي. ان حقيقت کان انڪار صرف هڪ اکين ٻوٽ ڪوڙو ئي ڪري سگهي ٿو ته حڪومت مان هٽڻ کان پوءِ عمران خان جي عوامي مقبوليت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هو ايترو مقبول اڳ ڪڏهن به نه هو، جيترو اڄ آهي. هن جي حمايت ۾ ماڻهو نه رڳو ملڪ جي اندر پر ٻين ملڪن ۾ به جيئن جوش سان اٿلي پيا آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو عوامي اڀار اڳ ۾ ڪڏهن به ڏٺو ويو آهي. عمران خان لاءِ به اڳ ۾ ايتري گهڻي عوامي حمايت جي جهلڪ نظر نه آئي هئي. عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي هو، تڏهن هو مختلف تال پکال ڪري ۽ ناچ گانن جون محفلون مچائي ماڻهن کي مردن کي جهومڻ ۽ عورتن کي جهمريون هڻڻ جو موقعو فراهم ڪندو هو ۽ وڏي ڳالهه ته هن جي اهڙن ميلن مچائڻ جي پويان اهي قوتون به ڪارفرما هيون، جن کي پي ڊي ايم ۽ پ پ وارا “سليڪٽرز” سڏيندا هئا. پر عمران خان کي جهڙي طرح توهين آميز انداز سان وزيراعظم وزيراعظم هائوس مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هن کي جهڙي ريت اڌ رات جو اقتدار تان ڌڪا ڏئي هٽايو ويو. هن جي آخري ڪلاڪن توڙي منٽن جي ڪا وڊيو به سامهون نه آندي وئي. هن جي روايتي موڪلاڻي به عمل ۾ نه آئي. نه ڪنهن هن کي سليوٽ ڪيو. نه ڪنهن هن سان تصوير ڪڍرائي. نه ڪنهن هن کي هٿ لوڏي الوداع ڪيو. اڌ رات جو هن کي وزيراعظم هائوس مان بني گالا روانو ڪيو ويو ۽ هن جي مٿان اها به پابندي عائد ڪئي وئي ته هو ميڊيا سان نه ملي. هو جيڪو شور شرابي سان آيو هو سو ماٺ ميٺ ۾ هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ اڃان مخالف ڌر پنهنجيون خوشيون ئي نه ملهايون. اڃان ڪا “جشن نجات” جي تقريب به منعقد نه ٿي. اڃان ته مخالف ڌر جي وات ۾ مٺائي پئي ئي مس ته ان جو ذائقو ان مهل زهر ٿي ويو، جڏهن پوري دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان جي حمايت ۾ ائين اٿيا جو عمران خان پاڻ به حيران ٿي ويو.

عمران خان کي اميد ضرور هئي ته ماڻهو هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندا پر هن کي اهو پتو هرگز نه هو ته هو وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تان هٽڻ کان پوءِ پاڪستان جو مقبول ترين اڳواڻ ٿي اڀرندو. هن ته صرف آمريڪا مخالف ڪارڊ استعمال ڪيو هو. هن کي معلوم هو ته پاڪستان ۾ نائن اليون کان پوءِ آمريڪا مخالف منجن جو سٺو مارڪيٽ آهي. پر هن کي اهو اندازو به نه هو ته هن کي هٽائڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجي خلاف اهڙا نعرا ٻڌڻا پوندا، جن جي جواب ۾ هٿ لوڏڻ جي همت عمران خان جي پارٽي ۽ هن جي اتحادين ۾ به ناهي. گذريل ٻن ڏينهن کان وٺي نه رڳو سوشل ميڊيا پر ملڪن جي روڊن ۽ رستن تي ماڻهو پاڻ مرادو جيڪي بينر کڻي آيا آهن ۽ انهن تي جيڪو ڪجهه به لکيل آهي، اهو پڙهي نه صرف اسٽيبلشمينٽ پر پي ٽي آءِ پاڻ به پريشان هوندي. ڇو ته تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ ۾ به ايتري جرئت ناهي ۽ نه وري ان جي سياسي فڪر ۾ ايتري سرڪشي آهي، جو اها اهڙا نعرا برداشت ڪري سگهي، جهڙا نعرا هڻائڻ جي ڏوهه ۾ پي ٽي ايم جو علي وزير هن مهل تائين پابندسلاسل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سپريم ڪورٽ مجموعي طور تي ملڪ جي اشرافيا ۽ سوشل ميڊيا توڙي ملڪي ميڊيا جو موڊ ڏسي پنهنجي پر ۾ هڪ پاپولر فيصلو ڏنو پر هن مهل ته مخالفت وارن نعرن جي گونج عدليا جي عمارت تائين به پهچي رهي آهي. ان صورت ۾ پاڪستان جي ادارن جو پريشان ٿيڻ لازمي آهي.

هڪ ته ٿيندو آهي عوام کي پاڻ ڀنڀلائي ۽ جذباتي بڻائي روڊن تي آڻڻ. ان عمل تي ته ڪنهن سياستدان کي سزا به ٿي سگهي ٿي. پر جڏهن عمران خان جي پارٽيءَ اهڙو ڪو به بندوبست نه ڪيو هجي ۽ ماڻهو پاڻ مرادو نڪتا هجن ۽ اهي به سون ۾ نه پر هزارن ۾ نڪتا هجن ۽ انهن احتجاجي ماڻهن جي هٿن ۾ تيل ۾ ٻڏل ڏنڊا نه پر ننڍا جهنڊا ۽ معصوم ٻار هجن. جڏهن ميڊيا جي آڏو احتجاج ڪندڙ عورتون اداڪاري ڪندي نه پر سچ پچ ۾ روئي چونديون هجن ته انهن کي انهن جو عمران واپس گهرجي. جيڪي پڇا ڪنديون هجن ته “ڇا اسان تي حڪمراني ڪرڻ جي لاءِ شهباز ايندو، زرداري ايندو يا ڊيزل ايندو!” تڏهن ته مخالف ڌر به پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهڻ لڳي هوندي. هن وقت مخالف ڌر ماٺ آهي. ڇو ته مخالف ڌر عوام جا تيور ڏسي رهي آهي. مخالف ڌر کي خوف آهي ته ان جي شهرت عوامي شور ۾ ائين نه ٻڏي وڃي، جيئن پاڻيءَ ۾ اڇلايل پٿر ٻڏي ويندو آهي. مخالف ڌر کي اهو به خوف ورائي ويو آهي ته هوءَ سوا سال سرڪار ڪيئن هلائي سگهندي؟ ڇا ڪا به حڪومت مڇريل ماڻهن سان مقابلو ڪري اڳتي هلي سگهي ٿي؟ خاص طور تي اها حڪومت جنهن جي هٿ ۾ بندوق به نه هجي. جنهن کي اهو به خوف هجي ته هن کي تمام جلدي عوام جي آڏو ووٽ وٺڻ جي لاءِ وڃڻو آهي. ان صورت ۾ ته حڪمران ٿيڻ به غيرمقبول ٿيڻ واري خطري کان خالي ناهي. ان معاملي تي مخالف ڌر به سوچيندي هوندي ته اها عمران خان جي حمايت ۾ اٿيل عوام جي سرڪشيءَ جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهندي.

ميان نواز شريف ته تمام گهڻو هوشيار سياستدان آهي. هن کي اقتدار ۾ اچڻ جي تڪڙ هرگز نه هئي. پنهنجي نالي سان وزير اعظم جو رتبو لکرائڻ جو شوق شهباز شريف کي هو. ان معاملي تي مريم به حڪومت هٽائڻ واري مهم ۾ جونءَ پير چري رهي هئي. هوءَ پارٽي ڊسيپلن ۽ بظاهر خاندان سان گڏ هجڻ جو تاثر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پر هن جي باڊي لينگوئيج ۽ هن جي چهري جي تاثر مان صاف نظر اچي رهيو هو ته هوءَ دل تي پٿر رکي پيپلز پارٽيءَ سان هلي رهي آهي. هن جو والد عمران خان کي هٽائڻ جي حق ۾ نه هو. هو بار بار چئي رهيو هو ته جتي چار سال گذريا آهن، اتي هڪ سال به گذري ويندو. هو ان تي به اصرار ڪري رهيو هو ته عمران خان عوامي مسئلا حل نه ڪري سگهڻ سبب وقت سان گڏ غيرمقبول ٿي رهيو آهي. ميان نواز شريف جي پوري لابي ان راءِ جي هئي ته عمران خان کي سياسي شهيد بڻائڻ ڪنهن به طور تي انهن جي حق ۾ ناهي. پر شهباز شريف پاڻ کي وزير اعظم ۽ پنهنجي پٽ کي وزيراعليٰ جي طور تي ڏسڻ لاءِ بنهه بيتاب ٿي ويو. ان ڪري ميان نواز شريف ماٺ ٿي ويو. پر هاڻي جڏهن لنڊن ۾ هن جي گهر آڏو به عمران خان جي حمايت ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي پوري دنيا مان اهي اطلاع ملي رهيا آهن پر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان جا ديوانا نه پر هن جا سياسي پروانا بڻجي رهيا آهن ته اهڙي ماحول ميان نواز شريف کي پنهنجي سياسي نقصان جو احساس ڪيئن نه ٿيندو هوندو ۽ اهي تجزيا نگار جيڪي آصف زرداريءَ کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو سياسي شڪاري قرار ڏئي رهيا هئا، انهن جي بند بولتيءَ پويان آصف زرداريءَ جي مايوس صورت بنهه پڌري پئي ڏسجي. ڇو ته موجوده حالت ۾ جنهن جنهن ضد ڪري عمران خان کي هٽائي هن جي پاپولرٽيءَ ۾ بي پناهه اضافو ڪيو آهي، اهي سڀ پڇتائي رهيا آهن.

عمران خان جي حمايت ۾ جهڙي ريت عوام اٿيو آهي، جيڪڏهن عوام جو اهڙو قيام قائم رهيو ته رياست وٽ نئين چونڊ ڪرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو. جڏهن اها چونڊ ٿيندي ته ان ۾ عمران جي عوامي مقبوليت جي موٽ جنهن ووٽ جي صورت ۾ واپس ورندي، ان کي ڪير منهن ڏئي سگهندو؟ اها به حقيقت آهي ته ڪجهه وقت تائين ميان نواز شريف ۽ هن جي ڌيءَ مريم ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف تقريرون ڪندا هئا پر ان جي موٽ ۾ ماڻهو مست ٿي نعرا ته نه هڻندا هئا پر هاڻي جڏهن عوام پاڻ عمران جي حق ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف احتجاجي نعرا هڻي رهيو آهي ته اهڙي فل چارج ماحول ۾ عمران خان جا اهي سپورٽر به واپس ورڻ لڳا آهن، جيڪي هن کان مايوس ٿي ويا هئا ۽ جن کي محسوس ٿي رهيو هو ته عمران خان هن سان دوکو ڪيو آهي. هاڻي انهن جي دلين ۾ به همدرديءَ جو وڏو جذبو پيدا ٿي پيو آهي ۽ ان جي هڪ جهلڪ انهن ميڙن مان نظر اچي ٿي ۽ ٻي جهلڪ ان سوشل ميڊيا تي آهي، جتي لکن ۾ ماڻهو عمران خان جي حق ۾ پوسٽون لکي رهيا آهن.

عمران خان جو اهڙو عوامي اڀار ڏسي هاڻي ان سازشي ٿيوريءَ کي هٿي ملي رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ اهڙي رٿ رٿي آهي ته عمران خان کي چونڊن ۾ ڀرپور طرح سان ڪامياب ڪرائجي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي اها رٿ آهي ته عوامي احتجاج ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ايتري ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڇو آهي؟ عمران خان سان هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي ڳالهائڻو پوندو ۽ هن جي خلاف مخالف ڌر کي به احتياط سان تنقيد ڪرڻي پوندي. ڇو ته جڏهن ڪنهن به حمايت ۾ هجوم نڪري اچي ته ان سان مهاڏو اٽڪائي نه ٿو سگهجي. عمران خان اڳ ۾ ئي تمام گهڻو مغرور هو. هن وقت هن جي غرور جو گراف ڪيترو نه وڌي ويو هوندو. جڏهن دنيا ۾ احتجاجن سبب هن جي شهرت عالمي سطح تي اڀري رهي آهي. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن عمران خان جي پارٽيءَ کي ڇڏڻ واري جو انگ هر ڏينهن وڌي رهيو هو ۽ هڪ وقت اهڙو آهي جو عمران خان کي ڇڏي ويندڙ واپس ورڻ جون واٽون تلاش ڪري رهيا آهن. ڇا عمران خان جي اهڙي عوامي مقبوليت قائم رهندي يا اهو اڀار ان سوڊا جهڙو آهي، جيڪا گلاس ۾ جهاڳ جو سبب بڻجي تمام جلدي جهڪي ٿي ويندي آهي؟

پاڪستان جي سياست ۾ ڪا به ڳالهه پڪ سان نه ٿي ڪري سگهجي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button