
بنگلاديش جي ڪرڪيٽر خالد احمد تي آئي سي سي جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٽوڙڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي بالر خالد احمد تي ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٽوڙڻ جي ڏوهه هيٺ ميچ جي فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، جيڪو کيس ڀرڻو آهي.