
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ويب سائيڊ تان چيف پيٽرن عمران خان جي تصوير کي هٽايو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي 23 وزيراعظم طور عهدو سنڀالڻ بعد شهباز شريف پي سي بي جو چيف پيٽرن بڻجي ويو آهي، تنهنڪري ويب سائيڊ تان عمران خان جي تصوير کي هٽائي شهباز شريف جي تصوير لڳائي وئي آهي.