پ پ جو ايم ڪيو ايم سان معاهدو، گهڻو نقصان ۽ ٿورو فائدو آهي. اهو ٿورو فائدو اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪري سنڌ جي مک شهر ڪراچيءَ ۾ وسندڙ اردو آبادي جائز مسئلن جي حل کان محروميءَ جي احساس جو شڪار هئي. هاڻي اها گهٽ ۾ گهٽ ان احساس مان ڪجهه نه ڪجهه ٻاهر نڪري سگهندي. پر ان سلسلي ۾ اهم سوال اهو آهي ته ڇا حڪمران ڌر اهو سوچي ايم ڪيو ايم سان ڀاڪر پاتو ته جيئن اردو آباديءَ کي ڪنڊ مان ڪڍي سگهجي؟ جيڪڏهن پ پ جي اها سوچ هجي ها ته ان سوچ جي ساراهه به ڪري سگهجي ها. پر پ پ عمران خان جي حڪومت کي هٽائي وفاق ۾ پنهنجو حصو پتي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ اهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو آصف زرداريءَ جهڙي مرد مجاهد کان متوقع هو. آصف زرداري بنيادي طور تي هڪ بزنس مائنڊيڊ سياستدان آهي. هن جو خيال هو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ اڪوموڊيٽ ڪري وفاق ۾ وڏا فائدا حاصل ڪجن. هاڻي هن جي ان تازي داءُ جو هن کي ڪيترو نقصان ۽ ڪيترو فائدو ٿو پوي؟ اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر سنڌ توڙي ملڪ جي ساڃاهه وند ماڻهن سدائين ان نقطي تي زور ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ اردو آبادي ٻه الڳ حقيقتون آهن. ايم ڪيو ايم منڍ کان وٺي اردو آباديءَ کي ڀنڀلائي ۽ هن ۾ احساس برتري جاڳائي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي آهي، اها اردو آباديءَ جي مفاد ۾ به ناهي. ان حوالي سان پاڪستان جون اهي پارٽيون جيڪي ايم ڪيو ايم جي سياست کي هڪ سور يا اڃان به ناسور سمجهن ٿيون، انهن کي ملي جلي ان جو مستقل حل ڪڍڻ کپندو هو پر هن مهل تائين ان قسم جي ڪا ڪوشش نه ٿي آهي. جنهن به پارٽيءَ کي اقتدار کپيو آهي، ان پنهنجا اصول سستا کپايا آهن. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي توڙي تحريڪ انصاف هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن.
ڇا عمران خان کي ايم ڪيو ايم جا هٿ لڳل ناهن؟ ڇا اها ايم ڪيو ايم نه هئي، جنهن عمران خان جي خلاف گارين سان شهر قائد جون ڀتيون ڀري ڇڏيون هيون. ڇا عمران خان پاڻ نه چوندو هو ته جيڪڏهن هن ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو ته هو غدار هوندو. پر اهو عمران خان ئي هو، جنهن اقتدار لاءِ ايم ڪيو ايم جا لاڏ ڪوڏ سٺا ۽ جنهن نه فقط ايم ڪيو ايم کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو پر ان ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي انتهائي نفيس انسان به سڏيو. پوءِ انهن نفيس انسانن هن سان ڇا ڪيو؟ هن وقت به عمران خان پنهنجي اها غلطي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته هن اقتدار لاءِ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري هڪ تمام وڏي سياسي غلطي ڪئي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت لاءِ اقتدار کان وڏو ڪو اصول ناهي. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي ميار ڏيڻ به مناسب نه ٿي لڳي. ڇو ته هن وٽ اول ۽ آخر اقتدار ئي آهي.
اهو پهريون ڀيرو به ناهي، جڏهن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جا نخرا سٺا هجن. 2008ع واري حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين هو. اهو الطاف حسين جيڪو هر ڏينهن پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندو هو ۽ هر ڏينهن پيپلز پارٽي الطاف ڀائيءَ جا پير جهلي کيس پرچائيندي هئي. ڇا پيپلز پارٽيءَ اقتدار لاءِ ايم ڪيو ايم جا سنگين سياسي مطالبا نه مڃيا آهن؟ اها پيپلز پارٽي ئي هئي جنهن ٻٽي نظام جهڙو قاتل مطالبو به مڃيو هو. اهو هڪ اهڙو مطالبو هو، جنهن جي خلاف پير پاڳارو به احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو هو. پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ان مطالبي مڃڻ تان دستبردار نه ٿئي ها پر ان مهل سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي هئي. پ پ جي منسٽرن پنهنجيون موبائل فونون بند ڪري ڇڏيون هيون. ماڻهن پ پ اڳواڻن جي درن تي توا ٽنگيا هئا. ان عمل تي سنڌ جي ڌرتي تپي ٽامون بڻجي وئي هئي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجا پير پوئتي ڪرڻا پيا. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جا ناز ۽ نخرا صرف ۽ صرف ان ڪري تسليم ڪيا آهن، جو هن کي اقتدار گهربل هوندو آهي. هن ڀيري به اهو ئي ڪجهه ٿيو آهي. جيڪو هميشه ٿيندو آيو آهي. هن ڀيري به پيپلز پارٽيءَ اقتدار جي عيوض ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪيو آهي ۽ ان معاهدي سبب پيپلز پارٽيءَ کي ته وفاقي اقتدار جي آڱر چٽڻ جو موقعو ملي ويندو پر ان جي اصل قيمت سنڌ کي ادا ڪرڻي پوندي. ڇو ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ کي مستقل طور بليڪ ميل ڪندي رهندي. هن ڀيري ته سنڌ کي شايد وڌيڪ سهڻو پوي. ڇو ته هن ڀيري ايم ڪيو ايم سان فقط پيپلز پارٽيءَ معاهدو نه ڪيو آهي. پر هن ڀيري ايم ڪيو ايم سان مسلم ليگ (ن) به معاهدو ڪيو آهي. ان معاهدي ۾ مسلم ليگ (ن) نون صوبن جو شرط به تسليم ڪيو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ان شرمناڪ معاهدي کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پر جڏهن ايم ڪيو ايم کي وفاقي سطح تي پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ پنهنجيون سموريون فرمائشون پوريون ٿي ملنديون ته هن کي ٻيو ڇا کپندو؟
پاڪستان جي سياسي تاريخ گواهه رهي آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪرتوتن سبب پوين پساهن ۾ وئي آهي، تڏهن ڪٿان به ڪٿان هن کي لائف لائن ملي وئي آهي. گذريل صديءَ جي پوين سالن ۾ ايم ڪيو ايم بنهه نهوڙجي چڪي هئي پر مشرف پنهنجي آمريتي اقتدار لاءِ هن ۾ زندگيءَ جي لهر پيدا ڪئي. اها ايم ڪيو ايم جيڪا تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ پوڻ واري هئي، اها وري پنهنجي مٿي تي اقتدار جو تاج سجائي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻجي وئي. سنڌ جا ماڻهو ڪيئن ٿا وساري سگهن ته اها ايم ڪيو ايم ئي هئي، جنهن پرويز مشرف جي ٻل تي سنڌ جي ماڻهن سان ويڌنون ڪيون. پرويز مشرف کان پوءِ ايم ڪيو ايم کي سياسي سگهه ڏيڻ واري ڌر پيپلز پارٽي هئي.
ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين پاران پاڪستان مخالف تقرير ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ جي نتيجي ۾ جهڙي ريت ايم ڪيو ايم جي مٿان سخت رياستي عذاب نازل ٿيو، ان جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي فطري ۽ منطقي انجام تي پهچڻ واري هئي پر عمران خان جي ساٿ سبب اها وري سياسي طور تي ختم ٿيڻ کان بچي وئي. اهو ايم ڪيو ايم جو ڀاڳ آهي يا هن شهر جي پرامن عوام جو نڀاڳ آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جو انت اچڻ وارو هوندو آهي ته ڪو نه اقتداري بحران جنم وٺندو آهي ۽ ايم ڪيو ايم ان مان نئين زندگي حاصل ڪندي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي سياست جي وات ۾ ست زبانون رهيون آهن. جڏهن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان نه ٺهندي آهي ته هن کي دهشتگرديون، هٿيار ۽ بلديا فيڪٽريءَ وارا سارا واقعا به ياد اچي ويندا آهن. جڏهن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ٺهندي آهي، تڏهن هن کان سڀ وسري ويندو آهي. اهڙي ريت هن مهل پيپلز پارٽيءَ جي ويسر جو دور آهي. پيپلز پارٽي اقتدار جي ڪري ڀلي ويسر جي نيسر ۾ لڙهندي رهي پر هن ڌرتيءَ جي هر باشعور انسان کي سڀ ڪجهه ياد آهي. ايم ڪيو ايم ڇا ڪيو؟ ايم ڪيو ايم ڇا ڪرڻ چاهيو؟ ايم ڪيو ايم ڇا نه ڪري سگهي؟ سڀ ڪجهه ماڻهن جي دلين تي نقش آهي.
ايم ڪيو ايم جي حق ۾ اهو دليل پيش ڪيو ويندو آهي ته هر پارٽيءَ جيان ايم ڪيو ايم کي به پشيمانيءَ جو حق هجڻ گهرجي ۽ هن کي سياسي طور تي سڌرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ان دليل کي ڪير به رد ڪري نه ٿو سگهي پر سوال اهو آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم پنهنجن ڏوهاري ڪرتوتن جو اعتراف ڪري ۽ انهن ڏوهن جي معافي وٺي، جيڪي هن سياسي سگهه جي سهاري ڪيا آهن ۽ ان کان پوءِ هو پاڻ کي سڌاري جي عمل مان گذاري. پر هتي ته معاملو ئي اونڌو لڳو پيو آهي. ايم ڪيو ايم ڪڏهن به پنهنجا ڏوهه تسليم نه ڪيا آهن ۽ نه وري انهن تي هن شرمساريءَ جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن به حالتن هن کي سوگهو جهليو آهي، تڏهن انهن اهي ٻول ٻوليا آهن ته “اسان ڇا شريف ٿيا آهيون سڀ بدمعاش ٿي ويا آهن.” ايم ڪيو ايم پنهنجي ماضيءَ تي افسوس ڪرڻ بدران اهو به چيو آهي ته “اسان جا هٿ ٻڌل آهن پر سڀني کي خبر آهي ته اسان ڇا آهيون؟”
اها حقيقت آهي ته ايم ڪيو ايم جڏهن عمران خان سان اتحاد ۾ هئي، تڏهن به هن جا هٿ پوري ريت کليل نه هئا. جڏهن ته هن جڏهن به پيپلز پارٽيءَ سان ڀاڪر پاتو آهي، تڏهن هن جا هٿ هر حرڪت ڪرڻ لاءِ آزاد رهيا آهن. هن وقت به سنڌ جي ماڻهن کي خوف آهي ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪري سنڌ جي بنيادي مفادن جي تين وال ڪندي. سنڌ ۾ اردو آبادي هڪ حقيقت آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اردو آباديءَ جو وارث ان ايم ڪيو ايم کي بڻايو وڃي ۽ هن جي ڏوهاري ڪردار وارن اڳواڻن کي وڏن عهدن تي ويهاريو وڃي ۽ انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سگهارو ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي اها منڍ کان وٺي پاليسي رهي آهي ته “روسون به کاسون به” هاڻي به هوءَ اهو ئي ڪجهه ڪندي. ڇو ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ ۽ گڏيل حڪومت اچڻ شرط ئي ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ شروع ٿي وئي آهي. هن مهل به ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت ۾ حصو نه وٺڻ جو ڌمڪي آميز بيان ڏنو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا تيور ڏسي آصف زرداريءَ پ پ ايم ڪيو ايم ٺاهه ۾ پاڻ کي ضامن طور پيش ڪيو آهي. اهو هن ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن ايم ڪيو ايم رسي نه وڃي. اقتداري اڏيءَ تي سنڌ کي وري قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي.