اسلام آبادپاڪستان

عمران خان تحفي واري گهڙي وٺي پو وڪڻي ته ڪهڙو ڏوهه ٿيو:فواد چوڌري

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري وزيراعظم شهباز شريف جي عمران خان تي الزامن تي رد عمل ۾ چيو آهي ته شهباز شريف کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان تي ڪهڙا الزام لڳائجن. فواد چوڌري چيو ته ڪنهن ٻئي ملڪ گهڙي تحفي ۾ ڏني، اها ان وقت جي وزيراعظم حڪومت کان خريد ڪئي. عمران خان حڪومت کان خريد ڪيل گهڙي ٻاهرين ملڪ وڪڻي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي؟سندس چوڻ هو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته شهباز شريف جو الزام ڇا آهي؟ شهباز شريف ڪنفيوز آهي کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته عمران خان تي ڪهڙا الزام لڳائي. اڳوڻي وزير جو چوڻ هو ته گهڙي 5 ڪروڙ جي هجي يا 10 ڪرروڙ جي، جيڪڏهن منهنجي آهي ته مان وڪڻان ٿو ته ان تي ڪو اعتراض نٿو ٺهي.هن چيو ته شهباز شريف ڪڏهن گهڙي ته ڪڏهن ڪو ڪريڪٽر کڻي اچي ٿو، شهباز شريف عمران خان تي چٿرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، شهباز شريف سطحي ڳالهين کان پاسو ڪري، ملڪي مسئلن تي ڌيان ڏئي. شهباز شريف کي چوڻ چاهيون ٿا ته اوهان کي گهٻرائڻو ناهي. لڳي ٿو حڪومت مريم نواز کي پاڪستان مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندي، اسان کي نواز شريف جي واپس اچڻ تي نظر رکڻي آهي، مريم نواز کي پاڪستان مان ڀڄڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن مريم نواز کي پاڪستان مان ڀڄايو ويو ته سموري قوم ايئرپورٽ پهچندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button