اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جي شنوائي روزاني ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس جي شنوائي روزاني جي بنياد تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته روزاني شنوائي ڪرڻ جو مقصد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب 30 ڏينهن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ آهي. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪيسز تي هر طرح جو سهڪار ڪندي آهي. مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي فنڊنگ ڪيس جي به روزاني شنوائي ڪئي وڃي. فرخ حبيب چيو ته اسان سمورو رڪارڊ اليڪش ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏيو آهي. عوام ڏسي رهيو آهي ته ادارا آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪن. تحريڪ انصاف جي ليگل ٽيم فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي فارن فنڊنگ ڪيس جو 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button