
اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي، اگهن ۾ ڪا ڦيرڦار نه ٿيندي. جڏهن ته حڪومت طرفان بجلي جي في يونٽ قيمت 4 رپيا 85 پئسا وڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه (ن) ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال تصديق ڪئي ته وزيراعظم اوگرا پاران تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ جي اماڻيل سمري رد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته عوام پهريان ئي مهانگائي جي عذاب هيٺ آهي ۽ وزيراعظم نٿو چاهي ته عوام تي بار پوي. هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ جو بار عوام تي پوي. حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندي. حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته حڪومت بار پاڻ برداشت ڪندي، عوام تي بار نه وڌو ويندو. ٻئي طرف نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 85 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نيپرا پڌرائي موجب بجلي فيبروري مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته صارفين کان وصولي اپريل جي بجلي بلن ۾ ڪئي ويندي. جاري نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صارفين تي جي ايس ٽي کانسواءِ پوڻا 38 ارب رپين جو بار پوندو پر فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.