اسلام آبادپاڪستان

ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لا آپشنز عمران خان نه پر فوج ڏنا هئا:شيرين مزاري

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لا 3 آپشن عمران خان نه پر فوج ڏنا هئا. فوج پرويز خٽڪ ذريعي 3 تجويزون ڏنيون. عمران خان آپشنز ڇو ڏيندو، هو ته اڳ ئي استعيفا ڏئي چڪو هو. ٻاهرين سازش پهريان کان تيار هئي، انهيءَ ڪري مداخلت ڪئي وئي. سازش نه ٿئي ها ته پوءِ مداخلت ڇو ڪئي وڃي ٿي. سپريم ڪورٽ سوموٽو وٺي ۽ جڊيشل ڪميشن جوڙي. هڪ انٽرويو ۾ شيرين مزاري چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ سازش تي ڳالهه ٿي هئي. خط ۾ چيو ويو ته عمران خان اڪيلي روس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، آمريڪين کي ڊس انفارميشن ڪنهن ڏني ته وزيراعطم اڪيلي فيصلو ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي جي منٽس سان ڳالهه ٻولهه به رڪارڊيڊ آهي. هن چيو ته آمريڪين کي آفيشل غلط ڄاڻ ڏني وڃي ها ته هو ان تي ڳالهه ڪن ها، مداخلت ان لاءِ ڪئي وئي ته سازش پهريان کان تيار هئي. خط ۾ نالي سان عمران خان کي نشانو بڻايو ويو. شيرين مزاري ٻڌايو ته ڊونلڊ لو چيو ته عدم اعتماد ناڪام ٿي ته عمران خان کي آئسوليٽ ڪنداسين ۽ عدم اعتماد ڪامياب ٿي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو. ان کان پوءِ اسان جي ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون ۽ اهي غائب ٿيا. هن چيو ته حڪومت تبديلي لاءِ سڀ کان پهريان ميڊيا کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.هڪ جوابدار کي وزيراعظم بڻايو ويو، ڪيس اڃا هلي رهيو آهي. شيرين مزاري چيو ته ڪابينه منٽس تبديل نٿي ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button