اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

وزيراعظم کنڊ ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ کنڊ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ڪالهه وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن مطابق کنڊ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي هلندڙ سال جي دوران لاڳو رهندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ ۾ ججهي مقدار ۾ کنڊ ۽ وڌيڪ ذخيرو موجود آهي. ٻاهر موڪلڻ تي پابندي جو مقصد کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button