اسلام آبادپاڪستان

راجا پرويز اشرف بنامقابلي اسپيڪر چونڊجي ويو،ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد رٿ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد:پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بنامقابلي چونڊجي ويو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 12 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيندي. ان ڏس ۾ ڪالهه پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بنامقابلي چونڊجي ويو آهي. هن جي خلاف تحريڪ انصاف طرفان ڪنهن به فارم نه ڀرايو هو. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ ڏنل مقرر وقت تائين رڳو راجا پرويز اشرف ئي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ بعد راجا پرويز اشرف اسپيڪر ڪامياب ٿيو. هن جي تجويز ۽ حمايت ڪندڙن ۾ پيپلز پارٽي جو خورشيد شاهه ۽ نويد قمر شامل هئا. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 12 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اڄ واري اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. ايجنڊا موجب اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيندي. ايجنڊا موجب اڄ ئي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۽ حلف برداري ٿيندي. ياد رهي ته 8 اپريل تي گڏيل اپوزيشن قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف به بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي هئي. اپوزيشن اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي بي اعتمادي رٿ سيڪريٽري قومي اسيمبلي وٽ جمع ڪرائي. بي اعتمادي رٿ ۾ چيو ويو اهي ته قاسم سوري ايوان هلائيندي بدترين مثال قائم ڪيو، ان لا قاسم سوري کي ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تان هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button