پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي تيز بالر عاقب جاويد چيو آهي تھ موجودا صورتحال ۾ رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين جي عهدي تان اخلاقي طور تي بھ استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ جهڙي نموني رميز عمران خان جي حمايت ڪئي، ان مان نٿو لڳي تھ وڌيڪ هلي سگهندو. هن جو چوڻ هو تھ جونيئر ليگ ڪرائڻ بدران پي ايس ايل تي ڌيان ڏنو وڃي، ڇوتھ اها ٻڏتر ۾ هوندي آهي. هن چيو تھ احسان ماني ۽ وسيم خان سسٽم تباهه ڪيو، ان بعد عمران خان رميز راجا کي آندو ۽ ان پڻ ڪجهه نھ ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close