رانديون

هاڪي ٽيم جو ڪوچ هالينڊ روانو، ٽيم 22 اپريل تي ويندي

پاڪستان جي هاڪي ٽيم وڏي عرصي بعد عالمي ميچن کيڏڻ جي حوالي سان يورپ جي دوري تي 22 اپريل کان رواني ٿيندي. جڏهن تھ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سيگفريڊ ايڪمين رات دير سان هتان هالينڊ روانو ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، قومي ٽيم هالينڊ ۾ 3 ڏينهن پريڪٽس ڪرڻ بعد پنهنجي پهرين ميچ 26 اپريل تي ايمسٽرڊيم ۾ کيڏندي. جڏهن تھ ٻي ميچ 27 اپريل تي کيڏي ويندي. هوڏانهن قومي ٽيم بيلجيم خلاف ميچ 29 اپريل تي کيڏندي. جڏهن تھ اسپين جي هاڪي ٽيم خلاف 2، 3 ۽ 4 مئي تي پاڪستاني ٽيم جا ميچ طئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button