اسلام آباد: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال جولاءِ ۾ آئرلينڊ جو دورو ڪندي. ذريعن موجب قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۾ ٽه ملڪي ٽي-20 ٽورنامينٽ کيڏندي، جيڪو 16 جولاءِ کان 24 جولاءِ تائين کيڏيو ويندو. ميڊيا رپورٽن موجب جولاءِ ۾ کيڏي ويندڙ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ سان گڏ آسٽريلوي وومين ڪرڪيٽ ٽيم به شامل آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي، 224 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم 217 رنس تي آئوٽ ٿي وئي هئي، اها ايونٽ ۾ پاڪستان جي ٽين شڪست آهي.