لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انڊر-19 ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب جونيئر ٽيم جو هيڊ ڪوچ اعجاز احمد، چيف سليڪٽر سليم جعفر ڪميٽي آڏو پيش ٿيا، ڪميٽي ۾ پي سي بي سي اي او فيصل حسنين، پي سي بي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس نديم خان ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ذاڪر خان شامل هئا. سليم جعفر جو چوڻ هو ته اسان جن اوپنرن کي چونڊيو هو، انهن کي اننگز جي اوپننگ لاءِ نه چونڊيو ويو هو، ان کان علاوه گيم پلان موجب اسپنرز فيلڊنگ ناهي ڪئي.
ٻئي طرف جونيئر ٽيم جي هيڊڪوچ اعجاز احمد جو چوڻ هو ته رانديگرن ۾ ذهني دٻاءُ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اڪثر ڪري پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندا آهن. اعجاز احمد چيو ته خراب ڪارڪردگي جو سبب اهو آهي ته رانديگر ذهني طور ڪمزور آهن ڇو ته انهن جو تعلق پٺتي پيل علائقن سان آهي، پاڪستان انڊر-19 ورلڊ ڪپ ۾ پنجين نمبر تي هو، جڏهن ته ڪوارٽر فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کاڌي هئي.