رانديون

لاهور ۽ ڪراچي اسٽيڊيم جي پچن جي نئين سر تعمير جو ڪم شروع

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته نيشنل اسٽيڊيم ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ نئين پچ جي تعمير جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. پي سي بي پاران سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ نئين پچ جي تعمير جو ڪم ڏسي سگهجي ٿو. واضح رهي ته آسٽريليا جي دوري دوران خراب پچن تي پي سي بي کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو.

پي سي بي جي چيف ڪيوريٽر آغا زاهد جو چوڻ آهي ته پچز ۾ موجود خامين کي نظر ۾ رکندي درست ڪيو پيو وڃي، سيزن ختم ٿيڻ بعد نئين مٽي ۽ گراس جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي. اهو ڪم چئن مرحلن ۾ ڪيو ويندو. هن ڀيري ڍاڪا جي ڇٻر پوکي پئي وڃي ملڪي ڇٻر پڻ پوکي پئي وڃي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ لاهور ۽ ڪراچي جي پچن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button