رانديون

آسٽريلوي آل رائونڊر مچ مارش ڀارت ۾ ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو

نئين دهلي: انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم دهلي ڪيپيٽلز جو چوڻ آهي ته آسٽريلوي آل رائونڊر مچ مارش کي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد ڀارت جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي اخبار ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ موجب دهلي ڪيپيٽلز جو چوڻ آهي ته آسٽريليا لاءِ 32 ٽيسٽ کيڏندڙ مچ مارش ٽيم جي بايو ببل جي انهن ماڻهن مان هڪ هو جن جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪا به علامت ظاهر نه ٿي آهي.

ٽيم پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته دهلي ڪيپيٽلز جي طبي ٽيم ميچ مارش جي صحت جي نگراني ڪري رهي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ببل جا ٻيا ميمبر پنهنجن ڪمرن ۾ اڪيلائي ۾ آهن ۽ انهن جي باقاعدي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button