رانديون

آئي پي ايل ۾ هڪ ٻيو پرڏيهي ڪرڪيٽر ڪرونا ۾ مبتلا

آئي پي ايل ۾ هڪ ٻيو پرڏيهي ڪرڪيٽر ٽم سيفرٽ ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن بعد فرنچائيز ۾ عالمي وبا کان متاثر ماڻهن جو تعداد 6 ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق دهلي ڪيپيٽلز جي مچل مارش بعد نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽر ٽم سيفرٽ جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي. جڏهن تھ ايونٽ جي اختيارين فرنچائيز جي مينيجمينٽ کي ميدان ۾ وڃڻ کان اڳ رانديگرن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جي بھ هدايت ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن دهلي ڪيپٽلز ۾ ڪرونا جو 6 ڪيس ظاهر ٿيو، جنهن بعد هيڊ ڪوچ رڪي پونٽنگ پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. هن چيو آهي تھ، مچل مارش جي ڪرونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد معمولي نوعيت جو رخنو پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button