پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر حسن علي انگلش ڪائونٽي ۾ خطرناڪ بالنگ ڪرائيندي 6 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ لنڪا شائر جي حسن علي مخالف ٽيم گلوسيسٽر شائر جي بيٽرن کي کيڏڻ ئي نھ ڏنو. جڏهن تھ حسن علي 17 اوورن ۾ 47 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون وٺي ٽيم جي وڏي مدد ڪئي. حسن علي جو چوڻ هو تھ، تيز بالر آڏو 5 وڪيٽون وٺڻ خوشي جي ڳالهه آهي، هي 6 وڪيٽون منهنجي لا خاص آهن. هن چيو تھ اينڊريسن جيمز سان گڏ بالنگ ڪرائيندي مان پريشان ٿيس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close