رانديون

مڊل سڪس 82 رنسن تان گليمورگن کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪائونٽي چيمپيئن شپ جي جاري مقابلن ۾ مڊل سڪس 82 رنسن تان گليمورگن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪائونٽي جي هڪ ميچ ۾ گليمورگن ڪلب پهرين اننگز ۾ 122 ۽ ٻي اننگز ۾ 132 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ مڊل سڪس هڪ ئي اننگز ۾ 336 رنسون ٺاهي اننگز ۽ 82 رنسن  تان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميچ ۾ مڊل سڪس جي بالرن مان ٽوبي رولانڊ جونز 5 ۽ ٽام هيلم 3 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button