رانديون

ڏکڻ آفريقا جو گريم سمٿ نسلي متڀيد جي الزام مان آجو

ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر گريم سمٿ نسلي متڀيد جي الزام مان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق گريم سمٿ کي معاملي جي جاچ ڪندڙ ٻھ رڪني آزاد پينل الزام مان آجو قرار ڏنو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ گريم سمٿ مٿان 2012ع ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ٿامي سوليڪلي نسلي روش جو الزام هنيو هو. آزاد پينل پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي تھ مامري جي جاچ دوران گريم سمٿ مٿان نسلي متڀيد جو الزام ثابت نھ ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button