عبدالستار لغاري
سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياست تي پنھنجي غير معمولي شخصيت جا اثر ڇڏيا آهن، ھو سنڌ جو عاشق هو، ھن جي دوستي ۽ دشمني سنڌ جي ڪارڻ ھوندي ھئي. تاريخ جو ھي املھه ڪردار ۽ سنڌ جو يگانو عاشق سائين جي ايم سيد شايد سنڌ جو پھريون ماڻھو ھو، جن جي عاشقن ۾ نوجوانن جي گھڻائي ھئي، ھن جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جي تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. سائين جي ايم سيد بنيادي طور ھڪ صوفي ھيو، عظيم صوفي بزرگ مخدوم بلاول جو مريد ۽ حيدر شاهه سنائي درگاهه جو سجاده نشين به ھو. سائين جي ايم سيد جڏھن ننڍڙو ھو ته سندس پيءُ گذاري ويو، سندس تعليم خانگي طور گھر ۾ ئي ٿي.
سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ سياست تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن ۾ جنب گذاريم جن سين، جيئن ڏٺو آ مون، سنڌ جا سورما، سنڌ جو ڪلچر، پيغامِ لطيف، ديار دل داستان محبت، سنڌ ڳالھائي ٿي، سنڌو جي ساڃاهه قابل ذڪر آهن. ڪتاب “جيئن ڏٺو آ مون” ۾ مذھبن جي تاريخ تي بھترين نموني اپٽار ڪيل آهي ۽ ھن ڪتاب جو انگريزي ترجمو مصر جي قاھرہ يونيورسٽي ۾ ڪمپلسري طور پڙھايو وڃي ٿو. سائين پنهنجا عشقيه داستان ڪتاب ديار دل داستان محبت ۾ انتھائي شاندار نموني لکيا آهن.
سائين جي ايم سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري کي سمجهڻ لاءِ پيغام لطيف نالي ڪتاب لکيو، ھن ڪتاب کي به مختلف يونيورسٽين ڪورس ۾ شامل ڪيو. سائين جي ايم سيد جي ڪيترن ئي ڪتابن تي پابندي به لڳائي وئي ۽ مختلف قسمن جون فتوائون به جاري ڪيون ويون. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي سياست ۾ تمام گھڻو اثرانداز رھيو، ھي پاڪستان جو پھريون سياستدان ھيو جنھن سڀ کان پھرئين پنھنجي لکڻين ۽ تقريرن ذريعي مذهبي انتهاپسندي کي ننديو ۽ ان جي خطرن کان آگاهه ڪيو. سائين جي ايم سيد پنھنجي زندگي جو گھڻو حصو جيلن ۾ گذاريو، 28 سالن جي قيد ۽ نظربندي دوران ھن کي ڪڏھن به ڪنهن عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. بينظير ڀٽو شھيد جي پھرين دؤر حڪومت ۾ جڏھن بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو تڏھن دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خانگي طور سائين کي پيش نه ٿيڻ جو پيغام ڏياري موڪليو. سائين جي ايم سيد لڳل الزامن تي فارسي جو مشهور شعر پڙھندو ھو جنھن جو ترجمو آهي ته: “ھو مون کي قتل ڪرڻ لاءِ وٺي وڃن پيا منھنجا محبوب تون به ڏس ڇا ته نظارو آھي.”
سنڌ جا سيد جڏھن گھوڙن تي چڙھي مريدن کان ڏن وٺڻ ويندا ھئا تڏھن ھي سيد سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر ايندو هو. سائين جي ايم سيد ھڪ سياسي اڳواڻ کانسواءِ فلاسافر، ڏاھو ۽ سماجي سائنسدان به هو. مشھور ليکڪ غلام رباني آگري پنھنجي ڪنھن ڪتاب ۾ لکيو آهي:
“سائين جي ايم سيد جي ھر معاملي ۾ دلچسپي ھوندي ھئي، اوھان کي خبر آهي ته اڄڪلهه گورک تي روڊ پيا ٺاھين، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته سنڌ ۾ سڀئي نعمتون آهن پر برف ڪانھي ھاڻ خبر پئي آهي ته گورک تي برف به آهي، اھا گورک هل واري جاءِ جي دريافت به سائين جي ايم سيد جي ڪيل آهي، پاڻ ۽ سائين علي محمد راشدي گورک تي ويا ھئا، رستو ڪونه هو خچرن تي چڙھيا ھئا، گورک جو اصلي نالو گورغ آهي گورغ جي معنيٰ آهي وسڪاري جو ھنڌ، اتي کنڊ جي داڻن جھڙي سنھي برف پوي ٿي، ھينئر ان کي ڊولپ پيا ڪن پر دريافت سيد جي ھئي.”
پنھنجي زندگي جي آخري گھڙي تائين سنڌ جي آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ ھي عظيم شخص پنھنجن فيصلن ۽ ارادن ۾ ھميشه اٽل رهيو، سنڌي ماڻھن جي معيار زندگي کي ڏسي سائين اڪثر روئي پوندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪنھن ڪتاب ۾ لکيو آهي:
“ھڪ محفل ۾عابده پروين جي ڪلام تي سائين روئي پيو تڏھن چيومانس ته سائين سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون لڙڪ نه ڳاڙينديون آهن، سائين ماٺ ڪئي.”
جنھن ڏينھن ڪل نفس مرقوم ٿي ويو،
انجام زندگي جو معلوم ٿي ويو،
مون کي ڇڏ زمانا پر تو وٽان سڪندر،
تڪميل آرزو کان محروم ٿي ويو.
(استاد بخاري)
سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪارڪنن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي:
“ماتلي ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي بنگلي تي موسيقي جو پروگرام هو ڪنھن ماڻھوءَ عابده پروين کي ڪنھن گيت جي فرمائش ڪئي ۽ ڪارڪنن وري ٻي گيت جي فرمائش ڪئي، تڏھن سائين ڪارڪنن جي فرمائش ڪيل گيت ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريو ۽ چيو ته جڏهن مون کي سنڌ جا وڏيرا، دانشور، سياستدان ۽ ساٿي ڇڏي ويا تڏهن اھي ڪارڪن ئي ھئا جيڪي ڏکن سکن ۾ گڏ رھيا.”
سائين جي ايم سيد عملي ڪم کي ترجيح ڏيندو هو، ڪارڪنن کي اولاد وانگر ڀائيندو هو، ڪنھن چيس ته سائين دعا ڪيو ته سنڌ کي آجپو ملي تڏھن سائين جواب ڏنو ته جيڪي ملڪ دعائن سان ٺھندا آھن اھي بدعائن سان ٽٽي به پوندا آهن، اٽل ارادا بھترين ھٿيارن کي شڪست ڏئي سگھن ٿا. سائين جي ايم سيد جي شخصيت گھڻ رخي آھي ان تي گھڻو ڪجھه لکي سگھجي ٿو، سندس نالو اسان جي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ ھميشه امر رھندو.