زنده قومون پنهنجي تاريخ کي زنده رکنديون آهن ۽ وري تاريخ سان ڳنڍاپو ئي قومن جي زنده مستقبل جي ضمانت هوندو آهي. اها به حقيقت آهي ته قومن جي تاريخ سڌي ليڪ وانگر نه هوندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها به هوندا آهن. مثبت ۽ منفي پاسا به هوندا آهن ته ڪاميابيون ۽ ناڪاميون به هونديون آهن. ون يونٽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي جيڪو اسان جي اجتماعي ناڪاميءَ جي نشاندهي به ڪري ٿو ته ان خلاف ٿيندڙ جدوجهد مستقبل ۾ ڪاميابين جا رستا به گهڙي ٿي، اهو هڪ طرف سنڌ جي تاريخ تي ڪارو داغ به آهي ته وري ٻئي پاسي ان دوران ئي مستقبل ۾ قومي نجات جي راهه روشن ڪندڙ ڏيئا ٻرندي به نظر اچن ٿا.
پاڪستان جي مني صديءَ جي تاريخ سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي آهي. سنڌ جي گادي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽڻ کان شروع ٿي اها ڪهاڻي اتي پهتي آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ تهذيبي شناخت بچائڻ جي جدوجهد ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌي بوليءَ سان هاڃا، سنڌين جي گهرن، ملڪيتن تي ڌاڙا، سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ پاڻيءَ جي چوري، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڌاري آبادڪاريءَ جي يلغار مطلب ته ظلم جبر ۽ ناانصافين جو اڻکٽ سلسلو آهي، جنهن هڪ ڏينهن به سنڌين کي سک سان سمهڻ نه ڏنو آهي.
سرجيس ته سک ويا، سامايس ته سور،
اهي ٻئي پور، مون نمانيءَ نصيب ٿيا.
پر ان دوران سڀ کان وڏو وار جيڪو سنڌ تي ڪيو ويو سو ون يونٽ جو قيام هو، اهو سنڌ جي وجود تي حملو هو، سنڌي قوم جي تاريخي شناخت ختم ڪرڻ جي ڪوشش هئي. سنڌ تي تاريخ ۾ ڪيترائي خطرناڪ حملا ٿيا آهن، جن ۾ هزارين لکين ماڻهو ماريا ويا آهن. وسيلن جي ڦرلٽ ٿي آهي ۽ شهر ڳوٺ ساڙيا ويا آهن. هن حملي ۾ اهڙا وڏا نقصان ڪو نه ٿيا پر اهو هڪ ٻئي لحاظ کان منفرد هو. يوناني، ايراني، عرب، افغاني، دهلي وارا، ارغون، ترخان ۽ مغل آيا، انهن سنڌ تي قبصو ڪيو، سنڌ تي حڪمراني ڪئي ۽ سنڌ جي حيثِيت ۾ ئي ان کي ڇڏي هليا ويا يا سنڌ ۾ ضم ٿي ويا. ايتري تائين جو انگريزن قبضي کان پوءِ سنڌ کي ممبئيءَ سان ملايو پر پوءِ به سنڌ سنڌ رهي، ان جي شناخت، ٻولي ۽ ڪلچر نه رڳو برقرار ۽ بحال رهيا پر انهن ۾ اڃا واڌارو ٿيو. پاڪستاني رياست طرفان ون يونٽ وارو حملو اهڙو هو جنهن ذريعي سنڌ جي هزارين سالن جي جدا سڃاڻپ، حيثيت ۽ وجود ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
اسان سنڌين ۾ بحيثيت قوم خوبين سان گڏ ڪيتريون ئي خاميون آهن، جن اسان کي اڻ ڳڻيا نقصان ڏنا آهن پر اها به تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن سنڌ جي وجود ۽ سڃاڻپ جو سوال آيو آهي ته سنڌين ٻي هر ڳالهه، هر سوال، هر واسطي هر مفاد کي پاسي تي اڇلي حملي آورن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. اهڙي طرح ون يونٽ جو اعلان ٿيڻ سان محب وطن سنڌين ۾ مزاحمت جي اهڙي باهه ڀڙڪي اٿي جيڪا 16 سال (70-1954) لڳاتار ٻرندي رهي. جيستائين ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڊهي اچي پٽ پيو ۽ سنڌ وري پنهنجي سڃاڻپ ۽ شان شوڪت سان دنيا جي نقشي تي نروار ٿي.
پاڪستان جي رياست تي پهرئين ڏينهن کان پنجاب جي بالادستي رهي آهي، تنهنڪري سمورا رياستي فيصلا ان جي مرضيءَ مطابق ۽ ان جي مفاد ۾ ڪيا ويندا آهن. ون يونٽ منصوبي ۾ به پنجاب جي مستقل مفادن (Vested Intersts) جو تحفظ ڪندي ٻين سڀني قومن جي مفادن تي ڪات ڦيريو ويو، هڪ طرف سنڌي، بلوچ، پختونن جي جدا حيثيت ختم ڪري انهن کي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو ته ٻئي طرف بنگالين جي اڪثريت کان انڪار ڪندي برابري (Parity) جو قانون لاڳو ڪيو ويو. ان منحوس منصوبي جي موٽ ۾ اڀرندڙ مزاحمت دوران صفبندي ايئن ٿي بيٺي ته پنجاب هڪ طرف ۽ باقي قومون ٻئي طرف. اهو ئي پاڪستان ۾ مفادن جي جنگ ۾ طاقت جي بيهڪ جو اظهار هو.
ون يونٽ خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۾ سنڌ ٻين سڀني کان اڳري هئي. ايئن چوڻ به غلط نه ٿيندو ته سنڌي ان جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، جيڪڏهن رڳو سنڌ کي ڏسجي ته ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ واحد تحريڪ آهي جنهن پنهنجو اعلانيل مقصد حاصل ڪيو. حڪمرانن کي شڪست آئي ۽ سنڌي سوڀارا ٿيا. جيتوڻيڪ سنڌي پاڪستان جي پهرئين ڏينهن کان لڳاتار ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي جدوجهد ڪندا ۽ تحريڪ هلائيندا رهن ٿا. ان شاندار تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي گولڊن جوبلي (2020-1970ع) بهترين ۽ موزون موقعو آهي ته اسان ماضيءَ جي ان جدوجهد جو تجزيو ڪريون ۽ مستقبل جي جدوجهد لاءِ ان مان اتساهه به وٺون ته سبق به سکون.
سڀ کان پهرين ڳالهه ته ماضيءَ ۾ “سنڌ” جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي اڳتي هلي “سنڌي قوم” جي حقن جي تحريڪ واري شڪل ڏيڻ ۾ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ڏاڪڻ جو ڪردار ادا ڪيو. ان ئي تحريڪ دوران سنڌ جي جدوجهد تحريڪ قومي خود مختياريءَ لاءِ جدوجهد ۾ تبديل ٿي وئي.
ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته جيتوڻيڪ هن تحريڪ جي قيادت سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جهڙا اڳواڻ ڪري رهيا هئا پر ان کي فيصلائتي طاقت بنائڻ ۾ سنڌ جي قومي زندگيءَ جي سڀني شعبن جي ماڻهن ڪردار ادا ڪيو. شاعر، اديب، استاد، شاگرد، هاري، پورهيت، وڪيل، دڪاندار، سڀ ان ۾شامل هئا. ٻئي طرف هن تحريڪ جي اها به خوبي هئي ته بدبودار، مفاد پرست ۽ وطن فروش وڏيرا، جاگيردار ۽ پير مير ان کان پري هئا، جنهن جو اظهار ان دور جي شعريءَ ڪيو ته “اڄ لال لهوءَ جي سرگرم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري، منهن هيڊ ٿيا غدارن جا بي شرم وڏيرن پير جا.”
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو هڪڙو سبب اهو به هو ته ان وقت ليڪ چٽي نڪتل هئي، سنڌ دوست ۽ سنڌ دشمن جي وچ ۾ وطن دوست ۽ ديس دروهي جي وچ ۾، عوام دوست ۽ اقتدار پرست جي وچ ۾ ليڪ بلڪل واضح هئي، ڪنهن قسم جي ميڊيا نه هجڻ جي باوجود سڄي سنڌ ۾ اهو آواز گونجندو ته جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي محب وطن جڏهن ته کهڙو ۽ راشدي غدار آهن. شعور جي سطح اها هئي ته سائين جي ايم سيد ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جو غير تڪراري ليڊر هو، سڀ سندس قيادت کي مڃيندا هئا، پر سائينءَ طرفان کهڙي ۽ راشديءَ کي معاف ڪرڻ جي باوجود سنڌي ماڻهن کي معاف نه ڪيو، تعداد ۾ اها تحريڪ ڪا گهڻي وڏي نه هئي. پوءِ به اهڙن حڪمرانن کي شڪست ڏيئي هيڏو وڏو مقصد حاصل ڪري ويئي، ان جي ڀيٽ ۾ اڄ قومي تحريڪ مقدار جي لحاظ کان ڪافي وڏي آهي. ميڊيا به تمام وسيع ۽ طاقتور آهي، دانهون ڪوڪون به گهڻيون ٿيون پر بس ڳالهه دانهن ڪوڪن کان گهڻو اڳتي ڪا نه ٿي وڌي، فرق ان ليڪ جو آهي، اڄ اها ليڪ ڌنڌلي ٿي ويئي آهي. ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته اها ليڪ ماڳهين مٽجي ويئي آهي.
سڀ کان اهم خاصيت اها هئي ته هيءَ تحريڪ رياستي نظام ۾ تبديليءَ جي لاءِ هئي، يعني مسئلن ۽ مصيبتن جي مرڪز کي چئلينج هو، اهو رياستي نظام ئي هو جنهن تحت سنڌ جي شناخت کي ختم ڪري اسان جي قسمت جا سمورا فيصلا لاهور ۾ ڪيا ويندا هئا. جيڪڏهن اسان ان سنڌ دشمن نظام کي ڇڏي هڪ هڪ مسئلي کي الڳ کڻون ها ته اڄ اسان وٽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ به گهڻو ڪجهه بچيل نه هجي ها. اڄ سنڌ جي جن حقن لاءِ جدوجهد ٿئي ٿي انهن جي پويان ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي ڪاميابي آهي، ايتري تائين ته خود سنڌ حڪومت جو وجود ان تحريڪ جو ٿورائتو آهي.
هن تحريڪ جي هڪڙي خامي آهي، اها هيءَ ته ان وٽ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ جو پروگرام نه هو پر ان لاءِ به چئي سگهجي ٿو ته اها هڪ تحريڪ هئي جنهن پويان نه ڪا مخصوص تنظيم هئي ۽ نه ڪا پارٽي، سياسي، پروگرام سياسي پارٽيءَ جو هوندو آهي. ڪير اهو به چئي سگهي ٿو ته ڪا مخصوص پارٽي هجي ها ته شايد ايترا مختلف ماڻهو گڏ نه ٿين ها. خوبين خامين تي گفتگو لاءِ به هي گولڊن جوبلي بهتر موقعو آهي. بهرحال اهو ته سبق ملي ٿو ته هڪ نظام کي رد ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ متبادل، سياسي پروگرام ڏيڻ ضروري آهي، جيڪو هڪ سياسي پارٽي ئي ڏيئي سگهي ٿي.
گولڊن جوبليءَ جو هي موقعو اسان کان سوال ٿو ڪري ته اسان کي رعايتون کپن يا حق؟ پنهنجا تاريخي قومي حق حاصل ڪرڻ لاءِ رياستي نظام جي تبديلي لازمي آهي. مروج نظام بيٺل ئي اسان جي حقن جي انحراف ۽ ڦرلٽ تي آهي، تنهنڪري اهو فقط رعايتون ئي ڏيئي سگهي ٿو ۽ رعايتون رڳو ڪجهه ماڻهن کي ئي ملي سگهن ٿيون، سڄي قوم حق حاصل ڪندي آهي، اسان جا سمورا سياسي ۽ اقتصادي حق کسي هاڻي هر ڏهين پندرهين سال ڪڏهن ڪانڪرنٽ لسٽ جي خاتمي، ڪڏهن ارڙهين ترميم ته ڪڏهن اين ايف سي جي صورت ۾ رعايت ڏني ٿي وڃي. ايتري ۾ وري ٻيون مصيبتون ۽ ٻيا وڌيڪ سنگين مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا. مثال طور رياست جي مرضِ ۽ مدد سان ڌاري آبادڪاريءَ جو اڻکٽ سلسلو نه رڳو مليل رعايتن تي پاڻي ڦيري ٿو ڇڏي پر اسان جي قومي وجود ۽ شناخت کي ئي خطري ۾ ٿو وجهي. اهي ڌاريا آبادڪار سنڌ جي ورهاست جا مطالبا ٿا ڪن، پر رياست خاموش آهي. جڏهن ته پاڪستان جي “سالميت” جي مخالفت جي الزم (جيڪي اڪثر ڪوڙا هوندا آهن.) هيٺ ماڻهن کي جيل ۽ ڦاهين جي ور چاڙهيو ٿو وڃي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌ اڳ ۾ پاڪستان پوءِ آهي، سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو آهي پاڪستان سنڌ کي ناهي ٺاهيو.
75 سال اڳ ۾ پاڪستان ڪو نه هو پر سنڌ پنج هزار سالن کان وجود رکندڙ آهي. اڄ جيڪڏهن سنڌ پاڪستان ۾ شامل آهي ته ان کي فتح ڪو نه ڪيو ويو آهي پر اها هڪ معاهدي تحت شامل ٿي هئي ۽ اها ان لاءِ شامل ٿي هئي ته سندس سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي حقن جو تحفظ ٿيندو. هاڻي جنهن جا نه رڳو اهي حق محفوظ ناهن پر سنڌ کي وجودي خطرا وڌندا ٿا وڃن ته پوءِ ڳالهه ان معاهدي ڏانهن ويندي، فيصلا ان معاهدي مطابق ٿيندا جنهن تحت سنڌ شامل ٿي هئي. اهو معاهدو 1940ع وارو لاهور ٺهراءُ آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته “ترڪيبي وحدتون آزاد (Sovereign) ۽ خودمختار (Autonomous) هونديون.”
پاڪستان ۾ “غدار” لفظ ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين وڏي پئماني تي استعمال ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن واقعي ڪا غداري ٿي آهي ته سڀ کان وڏي غداري ون يونٽ ٺاهڻ هئي، ڇاڪاڻ ته ان ذريعي انهن وحدتن کي ختم ڪيو ويو جن هن ملڪ کي وجود ڏنو. ٻين لفظن ۾ تخليق پنهنجي خليقيندڙن کي ختم ڪيو. آئنده معاملن کي مهذب طريقي سان نبيرڻ جي اولين تقاضا اها آهي ته حڪمران پنهنجي ذميواري تسليم ڪن ۽ معافي وٺن. آخر چرچ به ته چار سئو سالن کان پوءِ گئليلو کان معافي ورتي ۽ آسٽريليا جي حڪمرانن به اصلي باشندن (Oborigins) کان معافي ورتي.