پاڪستان جي قومي ڪوڏي ڪوڏي ٽيم جي رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ بابت رٿيل ڪالهه وارو اجلاس ملتوي ٿي ويو آهي، جيڪو هاڻ 28 اپريل تي منعقد ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق 5 رڪني جاچ ڪاميٽي کي رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ بابت اجلاس ڪرڻو هو، جيڪا هاڻ 28 اپريل تي اجلاس ڪندي، جنهن دوران ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيل 7 رانديگرن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. جڏهن تھ اجلاس ۾ شروعاتي مشاورت ۽ طريقيڪار پڻ طئي ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close