رانديون

پي سي بي کي حڪومت کان ڌار هجڻ گهرجي: شاهد آفريدي

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ميگا اسٽارز ليگ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي تھ پي سي بي کي حڪومت کان ڌار هجڻ گهرجي. ميڊيا مطابق شاهد آفريدي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ پي سي بي جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي تعلق کي حڪومت سان هرگز نھ ڳنڍيو وڃي. جڏهن تھ ڪرڪيٽ بورڊ اسيمبلين ۾ نھ وڃي ۽ ان جون ڌار چونڊون ڪرايون وڃن. هن جو چوڻ هو تھ ميگا اسٽار ليگ سڄي دنيا جي ماڻهن کي تفريح ڏيندي، جنهن جي معاوضي مان اڳوڻن ڪرڪيٽرن، راندين، صحافين ۽ فنڪارن جي مدد ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ پي ايس ايل تھ نوجوانن جي ليگ آهي، اسان جهڙا بزرگ ايم ايس ايل کيڏندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button