
بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر مهدي حسن ميراز انجري سبب سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ مان نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل مهدي حسن جي جڳهه تي نعيم حسن کي کيڏائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ڍاڪا ليگ دوران مهدي حسن انجري جو شڪار ٿيو هو.