رانديون

ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏين تبديلين جو امڪان

پي سي بي ۾ قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آڻڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. ميڊيا مطابق پي سي بي پهرين جولائي کان سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ بابت مشُورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ تھ رانديگرن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مينز ۽ ويمنز شامل آهن، جن جي پرفارمنس جي ڇنڊ ڇاڻ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سرفراز احمد، فهيم اشرف، ياسر شاهه، عمران بٽ ۽ حسن علي کي ڪانٽريڪٽ ملڻ ڏکيو آهي، تنهنڪري اختيارين ۾ ان معاملي بحث ٿيو آهي، خاص ڪري سرفراز احمد جي ڪانٽريڪٽ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هوڏانهن امڪان ڏيکاريو پيو وڃي تھ شان مسعود، حيدر علي، وسيم جونيئر ۽ خوشدل شاهه کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button