رانديون

پي سي بي جي سالياني جنرل باڊي جي اجلاس جون تياريون شروع

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي سالياني جنرل باڊي جي اجلاس جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اجلاس مئي جي ٽئين هفتي ۾ ٿيندو، ذريعن موجب پي سي بي جي آخري جنرل باڊي جو اجلاس نجم سيٺي جي صدارت هيٺ ٿيو هو. نئين آئين تحت بورڊ گذريل ٽن سالن ۾ جنرل باڊي جو اجلاس به نه ڪرائي سگهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ايسوسي ايشنز جا صدر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا، ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدرن جي اڃا تائين چونڊ نه ٿي سگهي آهي. جنرل باڊي جي اجلاس ۾ چيئرمين پي سي بي، چيف ايگزيڪيوٽو ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر شرڪت ڪندا، ذريعن موجب اجلاس ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڊيف ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جا صدر به شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ چيئرمين پي سي بي رميز راجا رپورٽ پيش ڪندو، اجلاس ۾ آڊٽ ۽ مالياتي رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button