روس اندر فيبروري 1917ع جي بورجوا جمهوري انقلاب کان پوءِ ٻين اهم تبديلين سان گڏ هڪ تبديلي اها به آئي جو، بالشيوڪ پارٽيءَ کي انڊرگرائونڊ سرگرميون ختم ڪندي، هاڻي سڌيءَ ريت عوام ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان پنهنجين قوتن کي سهيڙڻ شروع ڪيو. ان سان گڏوگڏ فيبروري انقلاب پاڻ سان گڏ هاڻي نيون پيچيده حالتون به کڻي آيو. اهڙي پيچيده صورتحال ۾ بالشيوڪ پارٽيءَ کي هڪ پاسي، پنهنجي طاقت ۽ قوتن کي منظم ۽ متحد ڪرڻو هو ته، ٻئي طرف بدليل حالتن پٽاندر نئين حڪمت عمليءَ به اختيار ڪرڻي هئي. جيڪڏهن بالشيوڪ پارٽيءَ کي نين حالتن تحت اثرائتي نموني مزدور طبقي ۽ ٻي محنت ڪش عوام جي جدوجهد جي اڳواڻي ڪرڻي هئي ته، سڀ کان پهرين ان کي فيبروري انقلاب جو مارڪسي تجزيو ڪرڻو هو، ان جي طبقاتي ڪردار جي وضاحت ڪرڻي هئي، طبقاتي قوتن جي توازن ۾ آيل تبديلين کي ويچار هيٺ آڻڻو هو ۽ نئين تاريخي صورتحال جي خاص رخن کي واضح ڪرڻو هو.
فيبروري انقلاب ان وقت آيو، جڏهن پهرين عالمي سامراجي جنگ اڃا جاري هئي. ڇا انقلاب جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيل عبوري حڪومت پاران ان جنگ کي جاري رکڻ سان ان جو سامراجي ڪردار بدلجي ويو؟ ڇا ان جنگ کي جاري رکندڙ اهڙي حڪومت جي حمايت ٿيڻ گهرجي؟ جنگ جو خاتمو ڪيئن ايندو ۽ امن ڪيئن حاصل ٿي سگهندو؟ ڪيئن ۽ ڪهڙي رخ ۾ انقلاب اسرندو؟ اهي اهڙا سوال هئا جيڪي فيبروري انقلاب کان پوءِ پيدا ٿيا ۽ بالشيوڪ پارٽيءَ کي انهن سوالن جا جواب ڏيڻا هئا. پر روس ۾ موجود بالشيوڪ پارٽيءَ جا مکيه اڳواڻ انهن سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا. هنن عبوري حڪومت، سامراجي جنگ جي خاتمي جي طريقي ۽ امن بابت غلط پوزيشن اختيار ڪئي. مثلن هنن جو خيال هو ته، بورجوا عبوري حڪومت تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته جيئن هو سامراجي جنگ جي مقصدن تان دستبردار ٿئي. بالشيوڪن جي اهڙي پوزيشن پورهيتن ۽ هارين ۾ اهو غلط تاثر پيدا ڪيو ته، اقتدار عبوري حڪومت جي هٿن ۾ ئي رهڻ گهرجي، اها سامراجي حڪومت ئي جمهوري امن جي سوال ۽ زمينون هارين کي ڏيڻ سميت انقلاب سان لاڳاپيل ٻيا مسئلا نبيريندي. اها تباهه ڪن پوزيشن هئي، ڇاڪاڻ ته، عبوري حڪومت نه رڳو روسي سامراجين پر برطانوي ۽ فرينچ سامراج جي مفادن جي به نگهبان هئي. ڇاڪاڻ ته انهن جو سڄو دارومدار ان سامراجي جنگ تي هو، جنهن کي هو جاري رکيو پئي آئي. اهڙي صورتحال ۾ عوام پاران سامراجي جنگ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ رڳو “دٻاءُ” وڌائڻ وارو طريقيڪار بنهه ڪارگر نه هو، مسئلو ان کان اڳتي ڏسڻ ۽ وڌڻ جو هو. ڪامنيف زور ڏنو ته، بالشيوڪن جي پاليسي عبوري حڪومت جي مشروط حمايت هئڻ گهرجي ۽ عبوري حڪومت تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته، هو امن ڳالهين جي شروعات ڪري.
اها صورتحال هئي جنهن لينن کي سوئيٽزرلينڊ مان جلاوطني ختم ڪري جلد روس موٽڻ ۽ مزدورن، هارين ۽ بالشيوڪ پارٽيءَ کي نئين حڪمت عمليءَ سان هٿياربند ڪرڻ لاءِ اپريل ٿيسز لکڻ تي مجبور ڪيو. اپريل ٿيسز روس جي مزدور طبقي ۽ بالشيوڪ پارٽيءَ کي انقلاب جي هڪ مرحلي يعني بورجوا جمهوري انقلاب کان انقلاب جي ٻئي مرحلي يعني سوشلسٽ انقلاب ڏانهن عبور لاءِ جدوجهد جو پلان ڏنو. لينن پنهنجون اهي ٿيسز روس ۾ پهچڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ 4 اپريل 1917ع تي بالشيوڪن ۽ مينشيوڪن جي گڏيل گڏجاڻين ۾ پيش ڪيون. جيڪي (بالشيوڪ ۽ مينشيوڪ) مزدورن ۽ سپاهين جي نمائندن جي سوويتن جي ڪل روس ڪانگريس جا ڊيليگيٽ هئا. لينن چيو:
“منهنجي لاءِ انهن ٿيسز کي تحريري شڪل ڏيڻ ئي اهڙو ڪم هو، جيڪو منهنجي ۽ منهنجي “ايماندار” مخالفن جي ڏکيائين کي آسان ڪري پئي سگهيو. مون انهن کي پڙهيو ۽ انهن جو متن ڪامريڊ سيريتلي حوالي ڪري ڇڏيو. مون انهن کي ٻه ڀيرا آهستي پڙهي ٻڌايو، پهرين ته، بالشيوڪن جي هڪ ميٽنگ ۾ ۽ ان کان پوءِ بالشيوڪن ۽ مينشيوڪن جي هڪ گڏيل ميٽنگ ۾.”
فيبروري 1917ع جي بورجوا جمهوري انقلاب وسيلي زارشاهيءَ جي خاتمي بعد بالشيوڪن انقلاب جي ٻي مرحلي جي تياري شروع ڪئي. پارٽي سڄي ملڪ ۾ سوويتن جي تنظيم سازي جو سڏ ڏيندي، سامراجي جنگ خلاف جدوجهد کي تيز ڪيو. تڏهن ٻٽي اقتدار (بورجوا عبوري حڪومت جو اقتدار ۽ سوويتن جو اقتدار) جي عجيب صورتحال جي ڪري، جيئن پاڻ مٿي چئي آياسين ته، پارٽيءَ جا ڪجهه مهڙ وارا اڳواڻ اهم سوالن جو ڇيد ڪرڻ کان قاصر هئا. جڏهن ته هنن اهو غلط مطالبو ڪيو ته، عبوري حڪومت تي دٻاءُ وڌايو وڃي. يعني هڪ پاسي هو “سمورو اقتدار سوويتن حوالي” واري مسئلي کي نه کڻي سگهيا ته ٻئي طرف امن جي سوال کي اقتدار جي سوال سان به ڳنڍي نه سگهيا. هنن بورجوا جمهوري حڪومت جي مشروط حمايت جي نيم مينشيويڪي پوزيشن اختيار ڪئي. اپريل ٿيسز (جيڪي 10 ٿيسز تي ٻڌل هيون) ۾ لينن “ٺوس حالتن جو ٺوس تجزيو” ڪندي، بنهه فوري ۽ اهم سوال جو جواب ڏنو. جيڪو جنگ ۽ امن جو سوال هو. هن دليل ڏنو ته، زارشاهيءَ جي خاتمي باوجود عبوري حڪومت هيٺ جاري جنگ جي فطرت به سامراجي آهي. لينن ان بابت پهرين ٿيسز ۾ لکي ٿو:
“جيستائين جنگ ڏانهن اسان جي روئي جو سوال آهي ته، ليووف اينڊ ڪمپنيءَ جي نئين عبوري حڪومت هيٺ به روس جي طرف کان ان جنگ جو ڪردار بغير ڪنهن شڪ شبهي جي سامراجي آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ حڪومت پنهنجي فطرت ۾ سرمائيداراڻي آهي. اهڙي ريت انقلابي دفاعيت کي اسان تر جيتري به رعايت نه ڏينداسين. “
لينن چيو ته، سامراجي جنگ جو خاتمو ۽ جمهوري امن تيستائين حاصل نه ٿي سگهندو، جيستائين سرمائي جي اقتدار جي خاتمو نٿو آندو وڃي. فيبروريءَ جي بورجوا جمهوري انقلاب کان پوءِ اپريل ٿيسز ۾ طبقاتي قوتن جي اصل ورڇ کي پڻ ٺوس شڪل ڏني وئي. لينن لکيو:
روس جي موجوده وقت جي خصوصيت هيءَ آهي ته، ملڪ انقلاب جو پهريون مرحلو، جنهن اقتدار پورهيتن جي اڻپوري طبقاتي شعور ۽ تنظيم جي ڪري اقتدار بورجوازيءَ کي ڏنو، طئي ڪندي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن تحت اقتدار مزدور طبقي ۽ غريب هارين حوالي ڪرڻو پوندو.”
اهم ڳالهه اها آهي ته، لينن اپريل ٿيسز ۾ بورجوا جمهوري حڪومت ڏانهن بالشيوڪ پارٽيءَ جي روئي جي وضاحت ڪندي، عبوري حڪومت جي تڪڙي خاتمي جو سڏ ڪو نه ٿو ڏئي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته مينشيوڪن ۽ سوشلسٽ انقلابين جي غلبي سبب سوويتن ان وقت عبوري حڪومت جي حمايت پئي ڪئي. ٻئي طرف بورجوا حڪومت لاءِ روس اندر اڃا به اعتماد واري فضا موجود هئي. تنهنڪري لينن جو خيال هو ته، سڀ کان پهرين عبوري حڪومت جي عوام دشمن پاليسين کي وائکو ڪيو وڃي ته جيئن ان کي جيڪو عوامي اعتماد حاصل آهي، سڀ کان پهرين ان کي ان کان محروم ڪري سگهجي. جيئن ان کي اقتدار مان تڙي ڪڍڻ جو موقعو اچي ته، عوام وٽ ان لاءِ ڪا به همدردي نه هجي. اهو ئي سبب هو جو، لينن نعرو ڏنو ته، “عبوري حڪومت لاءِ ڪا به حمايت نه، سمورو اقتدار سوويتن حوالي”. لينن سمجهيو پئي ته، مينشيوڪ ۽ سوشلسٽ انقلابي، جن وٽ ان وقت سوويتن جي اڳواڻي هئي، محنت ڪش عوام جي انقلاني مطالبن کي پورو ڪرڻ کان قاصر آهن. بالشيوڪ جيستائين سوويتن ۾ اقليت ۾ آهن، انهن جو پهريون فريضو اهو آهي ته، هو مينشيوڪن ۽ سوشلسٽ انقلابين جي پاليسين کي ڏينهون ڏينهن عوام آڏو پڌرو ڪن، سوويتن ۾ پنهنجو اثررسوخ وڌائڻ لاءِ جدوجهد ڪن، چونڊن ذريعي سوويتن ۾ اڪثريت بڻجن ۽ انهن (سوويتن) جي پاليسي تبديل ڪن. مان سمجهان ٿو ته، لينن جي سياسي بصيرت، اپروچ ۽ انقلابي حڪمت عمليءَ کي سمجهڻو هجي ته، اهو ان جو بهترين نمونو آهي. انقلابي سياست ڪيئن ٿيندي آهي، ڄاڻايل لينني طريقي ۾ ان لاءِ گهڻو ڪجهه موجود آهي.
لينن اپريل ٿيسز ۾ جتي انقلاب جي سياسي ۽ حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل سوالن کي نبيري ٿو اتي روس کي جنگ جي تباهين مان ڪڍڻ لاءِ فوري معاشي سڌارن جو پروگرام به آڇي ٿو. جنهن ۾ ملڪ جي سموري زمين کي قوميائڻ، انهن کي کيت مزدورن ۽ هارين جي نمائندن جي مقامي سوويتن جي اختيار ۾ ڏيڻ، غريب هارين جي نمائندن جي سوويتن جي ڌار تنظيم ڪرڻ، ملڪ ۾ موجود سڀني بئنڪن کي هڪ واحد قومي بئنڪ ۾ گڏڻ ۽ ان تي مزدور نمائندن جي سوويتن کي مڪمل اختيار ڏيڻ شامل هو.
ٿيسز پارٽيءَ جي اندروني فريضن جو به خاڪو پيش ڪيو. جنهن ۾ پارٽيءَ جي ڪانگريس فوري طور منعقد ڪرڻ، پارٽيءَ جي پروگرام ۾ تبديليون آڻيندي، نئون پروگرام اختيار ڪرڻ، (ڇاڪاڻ ته، 1903ع ۾ اختيار ڪيل پروگرام زارشاهيءَ جي خاتمي کان پوءِ تبديليءَ جي گهر ڪئي.) سامراج ۽ سامراجي جنگ جي ڳر کي واضح ڪرڻ، پارٽيءَ جو نالو تبديل ڪرڻ (جيئن ته سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن سوشلزم سان غداري ڪئي، لينن تجويز ڏني ته، پارٽيءَ کي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سڏڻ بدران ڪميونسٽ پارٽي سڏيو وڃي) جهڙا معاملا شامل هئا. آخري ٿيسز ۾ هڪ نئين انقلابي ٽين ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي قيام جو مطالبو ڪيو ويو.
اپريل ٿيسز کان اڳ ۾ روس ۾ جيڪا مبهم صورتحال هئي. ٿيسز روس جي مزدورن، هارين ۽ بالشيوڪ پارٽيءَ کي ان صورتحال مان ڪڍندي، کين نئين ٺوس انقلابي حڪمت عمليءَ سان هٿياربند ڪيو. اپريل ٿيسز کان پوءِ ئي روس ۾ انقلاب جي ٻئي مرحلي جي جدوجهد واضح رخ اختيار ڪندي، آخرڪار آڪٽوبر انقلاب جي فتحيابيءَ ۾ پاڻ کي اظهاريو.