ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ترقيءَ جي ايجنڊا ۽ پيپلز پارٽي

پيپلز پارٽي گذريل 14 سالن کان سنڌ جي حڪمران جماعت آھي، ان حساب سان ان جو احتساب به ٿيڻ کپي. اھو به ڏسڻ گھرجي ته سنڌ اڄ کان 14 سال اڳ ڪٿي بيٺل ھئي ۽ اڄ جي سنڌ ۾ ڇا وھي واپري پيو.
منھنجي خيال ۾ ان تي گھڻو ڪجھه لکيو به ويو آھي، اڃان به لکبو پر منھنجو اڄ جو موضوع سنڌ جي ترقي ۽ ان ۾ پ پ پ جو ڪردار آھي، ترقيءَ جا پيراميٽرس ڪيترائي ٿي سگھن ٿا پر جن کي آئون اھم سمجھان ٿو. انھن ۾ ھيٺيان بنيادي عنصر آھن ۽ ان کان پو ڪجھه ثانوي عنصر به آهن.
اچو ته پھرين انھن ڪجھه بنيادي پيراميٽرس تي لکون، جيڪي ھڪ سنڌي عوام جي بنيادي ضرورتن ۾ شامل آھن:
١- پاڻي:
سنڌ جو سماج جيئن ته ھڪ زرعي سماج آھي ۽ اسان جو گھڻو دارمدار زراعت تي آھي. پاڻي ان ۾ ڪرنگهي جي ھڏي وانگر آھي، پاڻيءَ جي ورڇ ته پاڪستان جي سطح تائين سدائين ھڪ وڏو مسئلو رھيو آھي ۽ جيئن ته ان جو سڌو تعلق انساني جياپي سان آھي ته ان جي اھميت به وڌيڪ آھي. پاڻ پنجاب ۽ وفاق کان سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي تي ته نه ٿا ڳالھيون، پاڻ ھاڻ اچو ته اھو ڏسون ته سنڌ کي ملندڙ پاڻيءَ جي ورھاست ڪيتري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪئي ٿي وڃي. جڏھن ان تي غور فڪر ڪجي ٿو ته اھو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورھاست جو ڪو جامع نظام ۽ ان جي ڪنٽرول جو ڪو جامع سرشتو موجود ڪونھي، جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو پھاڪو فٽ بيھي ٿو، جيڪو درياهه جي اڳياڙ ۾ ھجي، واهه جي اڳياڙ ۾ ھجي يا ڪنھن واٽر ڪورس جي اڳياڙ ۾ اھو پھرين پنھنجو پيٽ ڀري ٿو پو جيڪو پاڻي بچي ٿو، اھو پوڇڙ تائين پھچي ٿو. پاڻيءَ جي ورڇ ھڪ وڏو مسئلو آھي ۽ ان تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ضرور سوچڻ کپي. ان تي ھڪ جامع منصوبابندي ڪري ان جي ورھاست کي يقيني بنائي. ان تي ھڪ مثال ڏيندو ھلان ته بدين ضلعو پ پ پ جو ڳڙهه رھيو آھي ۽ ڪڏھن به بدين پ پ پ کي مايوس ڪونه ڪيو آھي پر اتي پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آھي، جنھن وقت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بمپر فصل ٿا لھن، ان وقت بدين ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ھجي ته يقين سان اھو چئي سگھجي ٿو ته پاڻيءَ جي ورھاست جو ڪو نظام موجود ڪونھي.
جڏھن اسين پاڻي جي مناسب ورھاست ڪري وينداسين ته سنڌ جي جياپي جو مسئلو حل ٿي ويندو.
٢- تعليم:
ھي ھڪ اھڙو موضوع آھي جنھن تي تمام گھڻو لکيو وڃي ٿو ۽ پ پ پ جي حڪومت وقت ان ڳالھه جي دعوا به ڪري ٿي ته ان تي ڪم به ڪيو اٿن. بيشڪ ڪم ٿيو به ھوندو پر اڃان ان تي گھڻي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي. آئون پاڻ ھڪ سرڪاري پرائمري اسڪول ۽ ھاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ مان پڙھي اڄ دنيا جي ڪنھن ترقي يافته علائقي ۾ پھتل آھيان پر اڄ جڏھن موٽ کائي سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن کي ڏسان ٿو ته مون کي اسڪولن ۾ اھو جوش جذبو، اھي ذميوار استاد ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ھتي ڳالهھ مجموعي بنياد تي ڪجي ٿي، بلڪل اڄ به ڪيترائي نوجوان پنھنجون ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائيندا ھوندا پر ان شعبي کي ترقي وٺرائڻ ۾ ئي سنڌ جي ترقيءَ جو راز سمايل آھي.
تعليم فقط رواجي تعليم نه ھجڻ گھرجي پر اڄ جي دور جي مناسبت سان اسان کي دنيا سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تعليم جا نوان رستا ڳولڻا پوندا ۽ جدت پيدا ڪرڻي پوندي. اسان کي سنڌ ۾ ھڪ جديد قسم جي ٽيڪنيڪل ادارن جي چين جي ضرورت آھي، جتي اسان اسڪلڊ ليبر فورس پيدا ڪري سگھون ۽ جڏھن اسان وٽ اھي ھٿ جي ھنر وارا يعني اسڪلڊ ھيومن ڪيپيٽل ھوندو ته اسان جا نوجوان سرڪاري نوڪرين بدران پرائيوٽ ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ جا اھل ھوندا. اھو ورڪ فورس دنيا ۾ ڪٿي به وڃي غير ملڪي ناڻو ڪمائي پنھنجو، سنڌ ۽ پاڪستان جو ڀلو ڪري سگھندا.
جيتري قدر آئون سمجھان ٿو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري پئي پر ان تي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. يونيورسٽين کي به صنعتن سان ڳنڍجي جيئن اسان جا انجنيئر ملڪ لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھن. پاڻي ۽ تعليم کان پوءِ هڪ ٻيو عنصر به تمام اھم آھي.
٣- صحت:
مون کي اھو مڃڻ ۾ ذرو به عار ڪونھي ته سنڌ حڪومت صحت جي معاملي تي گھڻو ڪم ڪيو آھي، ائين چئجي ته ٽرشري ڪيئر تي وڏو ڪم ٿيو آھي ۽ اھو ھڪ بھترين عمل آھي. ان جا مثال NICVD ۽ جناح اسپتال جھڙا بھترين ادارا آھن.
اچو ته ٿورو بنيادي صحت ڏانھن ڏسون. اسان وٽ بيسڪ ھيلٿ جا يونٽ ھجن، تعلقي اسپتالون ھجن يا ضلعي جون اسپتالون، اتي گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. انھن جي حالت تمام خراب آھي. ان کانپو اسان ٽراما يا برن سينٽر يا ايمرجنسي رسپانس ۽ ايمبولينسز کي ڏسون ته اھو چئي سگھجي ٿو ته سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ بلڪل ناڪام وئي آھي. ان بنيادي ضرورت جو ھڪ جامع حل ضروري آھي. ان لاءِ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته 1122 جھڙو ادارو ٺاھڻ جو سوچيو پيو وڃي، سنڌ جي عوام جي اھا گھر تمام پراڻي آھي، منھنجي خيال ۾ اھو ادارو تعلقي نه پر يونين ڪائونسل سطح تائين ھجڻ گھرجي ۽ ھر يونين ڪائونسل ۾ ٻه ايمبولينسز پلس فائر ٽينڊرس ۽ ايمرجنسي ريسپانس جو جامع سيٽ اپ ھجڻ گھرجي. جڏھن اسان اھو ڪري وياسين ته اسان عام ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ھڪ واضح بھتري ڏسنداسين ۽ ان جو فائدو يقينن پ پ پ کي ئي ٿيندو.
٤- روڊ رستا:
ڪنھن به ترقي يافته ملڪ يا خطي جي ترقيءَ جو پھريون اھڃاڻ ان جا روڊ رستا ھوندا آھن. اسان جيئن ئي يو اَي اِي مان واپس پنھنجي ديس پھچون ٿا ته ائين لڳي ٿو اسان ڪنھن کنڊرات ۾ پھتل ھجون. آئون اھو نٿو چوان ته اسان اڄ ئي دبئي جھڙا روڊ ٺاھيون پر جنھن حساب سان اسان وٽ قدرت سان مالا مال خطو آھي، ان کي ھڪ جٽادار روڊ رستن جي نظام جي ضرورت آھي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ڪم ڪيا به آھن، ڪري به پئي پر اڃان گھڻو ڪجھه ڪرڻ جي ضرورت آھي. گهڻن ڳوٺن جي رستن لاءِ چيو ويندو آھي ته اھي ڪاغذن ۾ ٻه چڪر ٺھي چڪا پر حقيقت ۾ ھڪ پٿر به نه لٿو هوندو، انھن شين تي ضابطي جي سخت ضرورت آھي. سنڌ حڪومت کي ان ڪم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.خاص ڪري ڳوٺن جا لنڪ روڊ ٺاھڻ گھرجن. ان سان اسان جو فصل ٽائيم سان منڊي ۾ پھچندو ۽ سنڌ جو ھاري مزدور سک جو ساهه کڻندو.
منھنجي خيال ۾ مٿيان ذڪر ڪيل سڀ فيڪٽر بنيادي ضرورتن ۾ شامل آھن ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنجيده ٿي انھن فيڪٽرس تي ڪم ڪري ته سنڌ جي ترقيءَ جو خواب ساڀيان ٿيندي نظر ايندو. ان سان پ پ پ کي فائدو به ٿيندو ۽ مستقبل ۾ ھو وفاقي حڪومت ٺاھڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.
انھن بنيادي ضرورتن کانپوءِ جيڪي ٻيا سيڪنڊري فيڪٽر آھن، انھن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي جن ۾ خاص ڪري، رانديون، منشيات تي ضابطو، ٽوئرزم، ماھيگيري ۽ ٻيا به ڪيترائي فيڪٽر آھن.
خواھشون ته اسان ھزارين ڪري ٿا سگھون پر اڄ جي ھن ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌ اڄ به بنيادي ضرورتن لاءِ دانھين ٿي. سنڌ جي حڪومت گذريل 14 سالن کان پ پ پ وٽ ھجڻ ڪري اسان اھو مطالبو انھن کان ئي ڪريون ٿا ته اڄ ئي ڪجھه ڪريو نه ته سڀاڻي متان اوھان کي موقعو نه ملي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button