باختين جيئن تھ ھڪ لسانياتي ماھر بھ ھو تھ ھڪ بھترين نقاد بھ ھو، ان ڪري سندس تصورن ۾ ٻولي ۽ ناول جو سماجي پاسو ضرور ذڪر ھيٺ ايندو رھندو. بنيادي طور ھو لسانياتي فلسفي ھو پر پوءِ وارن نقادن ھن کي فلسفيانھ علم الانسان Philosophical Anthropology جو نالو ڏنو ڇو تھ سندس فلسفي ۾ انساني سماج يا انسان لھه وچڙ وارو پاسو اھم آھي ۽ اھو پاسو ھن لسانيات جي مطالعي ۾ بھ پيش ڪيو. باختين انسان کي سمجھڻ لاءِ بھ انساني لھه وچڙ يا گفتگو وارو پاسو کنيو سندس چوڻ ھو تھ I will never be able to look at my forehead or to see myself within the scene that I am part of. In order to do so, I need a person opposite myself, even if this person is imaginary. Her or his “Exotopy” (“place without”) enables her to have a more complete view of me than I can ever have myself.” (Schmitz, 2002).
سندن چوڻ آھي تھ آئون ڪڏھن بھ پنھنجي نراڙ يا پنھنجي پاڻ کي انھي منظر ۾ نھ ڏسي سگھندس جنھن جو آئون حصو آھيان (ھڪڙي وقت ۾) ايئن ڪرڻ لاءِ مون کي ڪو ٻيو ماڻھو گھرجي جيڪو منھنجي سامھون ھجي يا مخالف سمت ۾ ھجي يا اھو تصوراتي ئي کڻي ھجي (جيئن اسين سوچيندا آھيون تھ محبوب مون کي ھيئن ڏسندو، ھي چوندو، ھن کي ھيئن لڳندس وغيره) ھن جي اھڙي نظر منھنجي مڪمل تصوير مون کان وڌيڪ اھم ۽ مڪمل ھوندي. باختين انھي لقاءُ کي اضافي محسوسات Surplus Perception سڏيو آھي، جنھن بنا منھنجو تصور، تصوير ۽ خاڪو ناممڪن آھي، اھوئي انساني مطالعي ۾ ڊائيلاگزم وارو آھي تھ انسان کي انسان سمجھڻ لاءِ انسانن سان ڊائيلاگ ڪرڻ ضروري آھي. اھڙن تصورن باختين کي سوسيئر کان الڳ ڪري بيھاريو آھي جنھن ۾ ھن لسانيات ۽ ادب ۾ سماج کي شامل ڪيو آھي. ان تصور لاءِ باختين وٽ اڃا وڌيڪ زوردار تصور ادب ۾ ميلائي يا نمائشي تصور Carnivalization of Literature آھي جيڪو باختين جو سڀ کان مضبوط پاسو آھي.
Carnivalization of Literature
باختين جيئن ته ھڪ سماجي سائنسدان ۽ فلسفي ھو، ان ڪري ادب ڏانھن تنقيد يا تجزيي جو لاڙو منفرد ۽ لڪل پاسن کي نروار ڪرڻ وارو ھو. ھن چاھيو ٿي تھ ناول کي فقط رومانس يا سنجيده ۽ خشڪ صنف کان ٻاھر ڪڍي سماج جي آئيني يا اولڙي طور پيش ڪرڻ ھو. ان ڪري ھن وچين دور جي لکڻين يا يورپ جي نئين سجاڳي واري دور جي ادب کي مثال طور پيش ڪيو. باختين دوستووسڪيءَ جي ناول تي تبصري واري ڪتاب جي ٻئين ڇاپي ۽ ربيلياس جي لکڻين واري ڪم ۾ ڪارنيولازيشن کي ھڪ سسٽم طور متعارف ڪرايو. فرانڪوس ريبلياس نئين سجاڳي Renaissance واري دور ۾ ناولن تي چار ڪتاب لکيا جيڪي اظھار جي طاقت ۽ سخت ۽کليل تز ترين مزاح يا طنز واري ادب جو جائزو ورتو. ھن ٻڌايو تھ وچين دور ۾ جيڪو طنز يا چٿر وارو ادب لکيو ويندو ھو، اھو نئين سجاڳي واري دور ۾ بھ ھو. باختين ان کي کولي سمجھايو تھ جڏھن فرانس ۾ نئين سجاڳي ۽ باقي سڌريل معاشرن ۾ نئين جاڳرتا جو دور پئي ھليو تھ وچين دور جو ادب ان نواڻ رڪاوٽ پئي بڻي يا اڻ سڌي ريت حصو پئي ڳنڍيو. باختين چواڻي اھو ادب جو ڪارنيولسڪ يعني ميلائي ھو جيڪو فقط تفريحي نھ ھو پر ان ۾ گھڻي ڀاڱي وچين دور جو نظريو شامل ھو ان کان سواءِ نئين سجاڳي يا روشن خيالي اڻ پورو ھجي ھا.
وچين دور جا ماڻھو يا سماج ڪارنيولسڪ (جنھن کي پاڻ سنڌيءَ ۾ ميلائي، تماشائي يا تفريحي لکون ٿا ڇوتھ ٻيو ڪو متبادل لفظ نھ آھن پر ڪارنيولاسڪ کي عام رواجي ميلائي، نمائشي نھ سمجھيو وڃي) زندگيءَ جو وڏو عمل دخل ھو. ان سماج ۾ ماڻھو ٻھ زندگيون گذاريندا ھئا، ھڪڙي روايتي جنھن کي آفيشل لائيف چئجي ٿو ٻيو ڪارنيول يعني ميلائي زندگي ھئي. The men of the Middle Ages participated in two lives: the official and the carnival life. Two aspects of the world, the serious and the laughing aspect, coexisted in their consciousness.
انھي طريقي جو مک سبب ھي ھو تھ انسان پنھنجي روايتي ۽ روزمره جي ڀڄ ڀڄان يا تيز زندگيءَ مان وقفو ڪري غير معمولي زندگي گذاري يعني خوش گذاري جنھن ۾ ڪارنيول فيسٽيولز جو وجود انتھائي اھم آھي (اڄ بھ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ وڏن شھرن ۾ ڪارنيول ميلن يا ملاکڙي وارن ھنڌن تي اھو نالو ماڻھو ضرور پڙھندا ھوندا). انھي فيسٽيول ۾ عام زندگيءَ جا سمورا اصول ۽ قانون معطل ٿي ويندا آھن ۽ ڪير بھ مقدس يا طنز کان مٿاھون نھ ھوندو آھي يعني During Carnival, the rules that normally govern normal life are temporarily abolished. In particular, the usual hierarchal barriers between upper and lower classes or older and younger people are removed. Carnival is certainly a show, but it is a show without a division into performers and spectators. What is characteristic for carnival is the free and familiar contact among people.
ايتري قدر جو مذھبي شيون بھ انھي فيسٽيول ۾ لاڳو نھ ٿينديون آھن. مثال طور ان فيسٽيول جو اھم پاسو اھو ھوندو آھي تھ سمورن تخت نشينن کي تخت تان علامتي طور لاٿو ويندو آھي ۽ پنندڙن کي تخت تي ويھاريو وري انھن جو تاج لاٿو ويندو آھي تھ جيئن ڪا بھ طاقت خوشي يا طنز/تنقيد کان مٿاھون نھ ھجي. مذھبي پادرين يا روايتن کي بھ طنز ۽ مزاح يا ٺٺولين جو حصو بڻايو ويندو آھي تھ جيئن عام زندگيءَ ۾ جتي ماڻھو پھچي نٿو سگھي اتي فيسٽيولز ۾ اھو ڪجھه ڪري پنھنجي دل جو بار ھلڪو ڪري لطف ماڻي.
انھي تخت نشيني يا تخت تان لاھڻ (سياسي، سماجي يا مذھبي) کي انسان جي ڄمڻ ۽ مرڻ جي تناظر ۾ ڏٺو ويندو آھي. جيڪي طاقتون تاحيات، درست يا غلط طرح، مسند نشين آھن يا ھڪڙا ھٿ ٺوڪيا قانون لاڳو ڪيو مسلسل پيا حڪمرانيون ڪندا آھن. انھن کي بڇڙو ڪري لاٿو ويندو آھي ۽ ڏيکاريو ويندو آھي تھ ھر شيءِ کي موت ايندو آھي ۽ موت ئي نئين زندگي يعني وري ڄمڻ جو سبب ھوندو آھي نھ تھ زندگي ڊگھي، بار ۽ بور لڳندي. ايئن طاقت جي ھيرارڪي Hierarchy کي ٽوڙي نيست نابود ڪيو ويندو آھي ۽ وري نئين درجھ بندي ڪئي ويندي آھي تھ جيئن ماڻھن ۾ ھڪڙي اميد پيدا ٿي سگھي، ماڻھن ۾ جيئڻ جو ڍنگ اچي ۽ مستقبل ۾ اتساهه پيدا ٿي سگھي. نھ فقط اھو دنياوي ھيرارڪي پر جنت ۽ جھنم واري تصور کي بھ انھي مزاح جو حصو بڻايو ويندو آھي. خوبصورت جسم جي تصور ۽ بدصورت جسم سان ڀيٽيو ويندو آھي، جنسي عضون کان ويندي جنسي عمل کي طنزيھ طريقي سان ڏيکاريو ويندو آھي تھ جيئن دنيا ۾ موجود ڪابھ شيءِ مقدس نھ رھي ھر شيءِ جي ڊھڻ ۽ وري اسرڻ کي جوڙيو ويندو آھي. اھو سڀ ڪجھه سموري سماج لاءِ ھوندو آھي، ڪنھن انفرادي شخص يا اداري لاءِ نھ ھوندو آھي. باختين چواڻي تھ اھو وچين دور جو فيسٽيولز وارو عنصر بوڪيشو، سروانٽس ۽ شيڪسپيئر جي لکڻين ۾ بھ عام جام آھي. اھو انداز لکڻين يعني ادبي صنفن سان بھ لاڳو ڪيو ويندو آھي. يعني صنفن، ڊڪشن، انداز بيان ۽ موضوعن ۾ بھ اھي عنصر شامل ڪيا ويندا آھن جنھن بنا ادبي ٽيسٽ ناممڪن آھي. لطف ۽ مزي واري زندگي بنا ادب بھ مزي وارو نٿو ٿي سگھي جنھن سان ادب ۾ کلي اظھار جا ذريعا نٿا اڀري سگھن. لطف بنا انسان ذھني مريض بڻيو وڃي. باختين ڪارنيولاسڪ ادب ۾ اھڙي سخت ترين طنز يا ٺٺول جا 14 نمونا ٻڌايا آھن جيڪي انھن ادبي لکڻين ۾ موجود ٿي سگھن ٿا. باختين اڳتي ھلي مينيپين طنز Mennipean Satire کي بھ ذڪر ھيٺ آندو آھي جنھن ۾ ادبي لکڻين يعني نثر ۾ شاعراڻا ٽڪرا مختلف وزن بحرن سان پيش ڪيا ويندا آھن، انھن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻڌايو آھي تھ ادب ۾ انھن عنصرن جي موجودگي ھڪ طرف ڊائيلاگزم جو تصور چٽو ڪن ٿا تھ ٻئي پاسي ھيٽروگلاسيا جو تصور واضح ڪن ٿا جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ ادب سماج کان الڳ تصور نھ آھي پر اھو وجود گھڻن وجودن يا ۽ تصورن جو ميلاپ آھي. ميخائيل باختين تي اڃا گھڻو ڪم نھ ٿيو آھي چون ٿا تھ ڪيتروئي ڪم خراب حالتن، گرفتارين، ڀڄڻ ۽ لڪي وڃڻ سبب ضايع ٿي ويو آھي، ڪيترو ئي ڪم مختلف دوستن يا ماڻھن وٽ موجود آھي جيڪو اڃا دريافت ٿيڻو آھي، پر ادبي لکڻين ۾ جنھن نموني سماجي پاسو باختين ڏيکاريو آھي، اھو گھڻي ڀاڱي اولھائين ادبي تنقيدي نظرين کان الڳ ۽ اھم آھي جنھن کي يا تھ ڄاڻي واڻي منظر تي نٿو آندو وڃي يا ڪن سببن ڪري اوجھل آھي. ھن ادب ۽ سماج جي لڪل پاسن ۽ مقدس تصورن کي ڇيڙيو آھي جيئن مشل فوڪو سيڪس تي ڪم ڪيو آھي ۽ طاقت جي بالادستي ۽ ڊسڪورس کي اکيليو آھي باختين ان کان وڌيڪ سماجي جي مقدس ڳئون بڻايل قدرن کي ادب ۾ وائکي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اسان جي اڻ اسريل سماج ۾ طنز، مزاح ۽ تنقيد کي جيئن مقدس ڳئون کان پري رکيو آھي اوترو اسان جو سماج ذھني پسماندگي ۽ غربت ۾ وڪوڙجي ويو آھي ٻيو ٺھيو تھ پر سياسي اڳواڻن تي بھ اسين ڪارنيول تفريح حاصل ڪرڻ کان پري آھيون ۽ مذھبي تنگ نظري جي آڙ ۾ زندگيءَ کي مفلوج بڻائي ڇڏي آھي. سماجن جو سائنسي ۽ فلسفيانھ تجزيو ڪرڻ بنا اسان ڪنھن صحتمند سماج جو تصور بھ نٿا ڪري سگھون.
(پورو ٿيو)