ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪو ڪرشمو ئي آبادگارن کي بچائي سگهي ٿو

Editorial- Article-Shahid Rajper

ڇا اسين واقعي به ايترا ئي بي وقوف ۽ احمق آھيون، جيترو اسان کي سمجهيو پيو وڃي يا اسان کي احمق ۽ بي وقوف بڻايو پيو وڃي يا بي وقوف بڻايو ويو آھي؟؟
پر منهنجي ذاتي را موجب اسان پاڻ هاسيڪار بيوقوف ۽ احمق ٿي پنهنجين ذميوارين کان لاتعلقي ڪري اٻوجھه ٿي ويهڻ جا عادي بڻجي ويا آھيون. حالت اهڙي ٿي وئي آھي جو هر ماڻهو ٻئي کي بيوقوف چئي پاڻ کي وڏو دانا ۽ عقلمند بڻائي پيش ڪندو آھي جو بس پروردگار جي در وٽ توبھن آهي ۽ وري اسان جي عوام کي اها ڳالھه سمجهائڻ ته حد درجي کان ايڏي وڏي مشڪل آهي جو انهن کي سمجهائجي ته خدارا ھوش کان ڪم وٺو، سڀن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ڳڻتي جي ڳالهه اها آھي ته هو ڪا ڳالھه سمجهڻ لا تيار ئي نه آھن.
ڪيترن ئي سالن کان آبادگارن کي وائيٽ ڪالر ڊيلرن ڪميشن ايجنٽن هٿان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي ۽ اسان جا ڏوهن تي ڪنٽرول ڪندڙ ادارا به ان تي خاموش ويٺا آھن، سنڌ جي مختلف ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر صاحبان ۽ تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر صاحبان به يوريا ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي وڪرو ڪندڙن اڳيان بيوس آھن يا خاموش ٿي ويهي رهيا آھن. ائين ڇو ۽ ڇا لا آھي، اهو ته رب ئي ڄاڻي ٿو پر اها هڪ حقيقت آھي ته ڪنهن دوست ڪنهن اداري کي شڪايت ڪئي ته ڊي اي پي جي ٻوري فلاڻو خان هول سيلر 7200 بدران 7800 روپين ۾ پيو ڏئي، اهو ادارو ڪارروائي ڪندي هول سيلر وٽ پهتو، ڪاغذي ڪارروائي ڪري شڪايت ڪري ميڊيا تي بيان هليا ته يوريا جي ڊيلر فلاڻي خان جي گودام تي ڇاپو هزارين روپيا ڏنڊ لڳايو ويو، جنهن ڪري ڪارروائي کي ڪامياب ليکيو ويو.
ٻئي ڏينهن تي آبادگار صاحب وڃي فلاڻي خان جي گودام تي پهتو، پڇا ڪيائين، سيٺ ڊي اي پي گهڻي آهي؟ جواب مليو 8500 روپيه في ٻوري، آبادگار جا مٿي تي هٿ اچي ويا، ڪياڙي کنهڻ لڳو. سيٺ ڪالھه تي ڪارروائي ٿي هاڻي ته صحيح اگهه تي ڏيو، غريب آبادگار آھيون.
فلاڻي خان شھپرن کي وٽيندي چيو ڪالھه صاحب ڇاپو هنيو، ڪنهن جي دانهڻ تي ڪجھه پئسا وٺي به ويو آھي ۽ في ٻوري تي 500 روپيا ڪميشن رکي ويو آھي ته پنج سئو روپيا اسان جي اداري جا رکو نه ته گودام بند ڪر هاڻي 500 روپيا ان جا وڌايا جنهن تي آبادگار چيو ته 7800 سئو روپين ۾ 500 سئو روپيا ملايو ته 8300 روپيا ٿيندا پو 8500 روپيا ڇا جا؟
ڦلاڻي خان چيو جيڪي ڏنڊ جي صورت ۾ هزارين روپيا گودام مان کڻي ويو اهي به ته ڪڍڻا آھن. آبادگار چيو بهتر هو 7800 سئو روپين ۾ ٻوري وٺي وڃان ها، وري هروڀرو 7800 سئو روپين واري ٻوري وڃي 8500 روپين ۾ وٺڻي ٿي پئي. اڃا ڊي اي پي کان پو يوريا ۾ ڪهڙا ڪلور ٿيندا؟
جڏهن ته ڊي اي پي ۽ يوريا جي اصل قيمت ته اڃا به گهڻي ڀاڱي گهٽ آھي، جيڪا نه سرڪار ٿي ريٽ لسٽ جاري ڪري نه ئي دوڪاندار پنهنجي دوڪانن تي لڳائين ٿا. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته هينئر به ڊي اي پي جي قيمت 10000 ڏهه هزار روپين کان وڌي وئي آھي، جيڪا آبادگارن سان سراسر زيادتي آھي ۽ يوريا به 2400 سئو روپين جي لڳ ڀڳ پهتل آھي ۽ اڃا زرعي ڀاڻ جي کپت وڌندي ته ممڪن آھي اڃا به اگهه وڌايا نه وڃن.
ڪجھه عرصو اڳ ملڪ ۾ زرعي ڀاڻ جي تمام گهڻي کوٽ ڪئي وئي هئي، جنهن سبب زرعي آبادگارن کي لائنن ۾ بيهي خواري جو پڻ منهن ڏسڻو پيو هو ۽ وڏن وڏن زميندارن اڳواٽ پئسا جمع ڪرائي فيڪٽرين مان ئي ڊي اي پي ۽ يوريا بڪ ڪرائي ڇڏيا هئا. جڏهن ته ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو آھي ته اهو پاڙيسري ملڪن ڏانهن اسمگلنگ پڻ ڪيو ويو هو ۽ اهو سلسلو اڃان به جاري آھي اتي يوريا جي هڪ ٻوري ساڍن نون هزارن کان ڏهن هزارن جي تائين وڪامي ٿي ۽ ڪريا ڀاڙا هڻي به ٻيڻي قيمت تي وڪرو ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سڄي راند ۾ ڪيتريون معتبر شخصيتون پڻ ڀاڱي ڀائيوار آھن، جن پڻ وهندڙ گنگا ۾ ٽٻڪيون هنيون ۽ ڪروڙين روپين جو ناجائز منافعو کنيو ۽ سڄي ملڪ جا آبادگار رلي ويا،
تازو ئي اهڙو انڪشاف اڳوڻو وزير خزانه شوڪت ترين صاحب به ڪري چڪو آھي ته ملڪ مان ڌڙاڌڙ زرعي ڀاڻ ٻاهرين ملڪن ڏانهن اسمگل ٿيندو رهيو جنهن تي هن کي تمام ڳڻتي آھي ۽ اها ڳالهھ اسان جو ننڍڙو ذھن قبول ڪرڻ لا تيار نه آھي ته وزير خزانه جهڙا ۽ حڪومت ۾ ويٺل بااختيار شخصيتون به اهڙن سنگين ڏوهن تي ڪو پختو عمل يا ڪارروائي ڪرڻ جي ابتڙ رڳو ڳڻتي ۾ پورا آھن ته اتي عام سادي ماڻهو جي ڇا ڪيفيت هوندي. مون وري پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي سادي ماڻهو کي چيو يار وزير خزانه به ڳڻتيءَ جو اظهار پيو ڪري جنهن تي ان چيو ته يار هو ويچارو ڪري به ڇا ٿو سگهي سواءِ ڳڻتي جي ۽ هو پنهنجو مٿو ته ڪونه ڦاڙيندو ٻين جي ڪري.
ڳالھه اها ٿي ماري ته لکين ٽن زرعي ڀاڻ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ بنا اجازت جي ٻاهر وڃي ٿو ۽ اهو ڪو سلوار جي ورن ۾ لڪائجي ڪونه سگهندو ۽ ظاهر آھي وڏن وڏن ڪينٽينرن ۾ ئي اسمگلنگ ٿيو هوندو. ڇا انهن ڪينٽينرن کي سليماني ٽوپيون پريل هيون، جو اهي ڪينٽينر اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي نظرن کان اوجهل ٿي ٻاهرين ملڪ ڏانهن هليا ويا ۽ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي ۽ اسان جا ۽ نيشنل سيڪيورٽي ادارا زراعت جا انگ اکر گڏ ڪرڻ وارا شمارياتي ادارا ڪٿي ستا پيا هئا. لازمي طور جيڪڏهن زرعي ڀاڻ ٽرالرن ذريعي نڪتو آھي ته سرحدن تي موجود عملي کي ضرور ڄاڻ هوندي ۽ اها اسمگلنگ ضرور انهن ئي رستن تان ٿي هوندي جيڪي راهداري ۽ آمدرفت لاءِ کليل آھن، اتي ننڍين گاڏين کي ته چيڪنگ بهاني خوار ڪيو وڃي ٿو، خاص ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ باقي شايد چيڪنگ فري آھن ۽ ظاهر آهي جتي لکين روپين جو معاملو هوندو اتي اهڙيون ئي ڳالهيون ٿينديون. باقي لڳي ٿو ته هن ڀيري به آبادگارن کي ڪو رليف يا سبسڊي زرعي ڀاڻ تي ملڻ مشڪل آھي ۽ ڪو ڪرشمو ئي آبادگارن لاءِ بهتري جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button