رانديون

مانچيسٽر سٽي کي شڪست، چيمپيئنز ليگ جو فائنل ريئل ميڊرڊ ۽ ليور پول کيڏندا

يوئيفا ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ريئل ميڊرڊ هڪ گول جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان مانچيسٽر سٽي کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي، جنهن جو ڪپ حاصل ڪرڻ واري مقابلي ۾ ليور پول سان مقابلو ٿيندو. ميڊيا مطابق ريئل ميڊرڊ جي رانديگرن مان روڊريگو 2 گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان گڏ ڪريم بينزما پڻ هڪ گول ڪري ورتو آهي. مانچيسٽر سٽي جو اڪيلو گول 73 مينٽ ۾ رياد ماهريز ڪيو. جڏهن تھ 10 ڪارنرز ملڻ باوجود ٽيم ڪاميابي نھ ماڻي سگهي. هوڏانهن يوئيفا ڪپ جو فائنل 29 مئي تي آچر ڏينهن ريئل ميڊرڊ ۽ ليور پول وچ ۾ پيرس جي ميدان تي کيڏيو ويندو، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button