رانديون

چين ۾ ڪرونا ۾ وري شدت جو خدشو، ايشين گيمز ملتوي ٿي ويون

چين ۾ ڪرونا وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر شدت جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن سبب هلندڙ سال رٿيل ايشين گيمز کي ملتوي ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ايشين گيمز هلندڙ سال جي 10 سيپٽمبر 25 سيپٽمبر تائين چين جي شهر هينگ ۾ رٿيون ويون هيون، پر هاڻ اهي ملتوي ڪيون ويون آهن. اولمپڪس ڪائونسل آف ايشيا گيمز جي ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ڄاڻايو آهي تھ ايشين گيمز جي نين تاريخن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، ايشين گيمز جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ۽ چيني اختيارين مشاورت ڪرڻ بعد رانديگرن جي تعداد ۽ ڪرونا جي صورتحال کي ڏسي ايونٽ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن تھ ڊسمبر ۾ چين ۾ رٿيل ايشين يوٿ گيمز بھ مڪمل طور ختم ڪري 2025ع ۾ تاشقند ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button