جمھوري عمل ۾ اختيارن جي ھيٺين سطح تائين منتقلي انتھائي اھم حڪمت عملي ھوندي آھي جنھن مان عام ماڻھو فائدو وٺي سگهي ٿو، خدمت وارين سھوليتن يعني پاڻي، صحت، تعليم، صفائي، روزگار وغيرہ تائين رسائي وڌي ٿي ۽ عام ماڻھو به فيصلا سازي ۾ شامل ھجي ٿو.
بدقسمتي سان پارلياماني سياست ڪندڙ ڌرين مڪاني ادارن کي صحيح معنيٰ ۾ جمھوري عمل ۾ بھتري آڻڻ جي لاءِ لاڳو نه ڪيو آھي ۽ انھي ڳالهھ کي به تسليم ڪرڻ کپي ته حڪمران سياسي ڌريون دلي طور نٿيون چاھين ته مڪاني سطح تي عام ماڻھو با اختيار ٿئي انھي ڪري ھر دفعي فوجي حڪومتن مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون آھن يا وري سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت چونڊون ڪرايون ويون آھن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون دفعو جنرل ايوب خان بيسڪ ڊيموڪريسي آرڊيننس 1969 ۽ ميونسپل ايڊ منسٽريٽو آرڊينننس 1960 متعارف ڪرايا. جيتوڻيڪ جنرل ايوب جو اصل مقصد عام ماڻھو کي بااختيار ڪرڻ نه ھو پر انھي موقعي ماڻھن کي مقامي سطح تي متحرڪ ضرور ڪيو. بلدياتي ادارن کي ايوب خان پنھنجو پاڻ کي صدارتي منصب تي ويھڻ جي لا استعمال ڪيو. ھن نظام ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر وٽ سمورا اختيار ھوندا ھئا.
جنرل ضياالحق به لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979 عمل ۾ آندو ۽ غير جماعتي بنيادن تي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائي پنھنجي حڪومت کي ڊيگھه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين. جنرل ايوب ۽ جنرل ضيا الحق پنھنجي پنھنجي دور ۾ مڪاني ادارن کي پنھنجن مقصدن جي لا اھميت ته ڏني پر انھي ڏس ۾ ڪا به قانون سازي نه ٿي صرف آرڊيننس جي ذريعي عارِضي حل تلاش ڪيو ويو. انھن ٻنھي دورن ۾ شھري ۽ ٻھراڙي علائقن ۾ مت ڀيد ڪئي وئي. جنرل ايوب ٻھراڙي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو جڏھن ته جنرل ضياءَ شھري علائقن کي نوازڻ جي ڪوشش ڪئي.
غير جماعتي چونڊن جو اھو نقصان ٿيو جو نمائندن سياسي پارٽين يا سياسي نعري جي بنياد تي ماڻھن کي متحرڪ نه ڪيا پر برادرين، ڌرم ۽ ڪڙم قبيلي جي بنياد تي ووٽ ورتا. اھو رجحان ڏينھو ڏينھن وڌندو رھيو ۽ ھاڻي مڪاني ادارن توڙي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ به برادرين جي بنياد تي ٽڪيٽ ۽ ووٽ ملن ٿا.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرس جي ڪوٽا ۾ ڪروڙين روپين جا ترقياتي فنڊ ڏيڻ ۽ نوڪرين جي ڪوٽا ڏيڻ جو رواج پڻ جنرل ضياءَ الحق متعارف ڪرايو. انھي عمل مڪاني ادارن جي ڪردار کي نقصان رسايو. گليون ٺاھڻ. کوھه کوٽرائڻ، نلڪا لڳائڻ، واٽر سپلاءِ اسڪيم، ٽيوب ويل، اسڪول، اسپتال. ڊسپينسري وغيرہ جھڙا ڪم مڪاني ادارن جا آھن پر ھاڻي اھي قانون ساز ادارن جا ميمبر ڪن ٿا. نوڪريون ميرٽ تي ھجڻ گهرجن پر ھاڻي سياسي رشوت طور ڏنيون وڃن ٿيون. چونڊ مھم دوران عام ماڻھو به ووٽن جي بدلي ۾ بلدياتي ڪمن جي لسٽ ۽ نوڪرين جي گهر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوار کان ڪري ٿو. عام ماڻھو جي نظر ۾ اھو ئي سندن ڪم آھي جڏھن ته ٻين ملڪن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر قانون سازي ۽ سٺيون پاليسيز مرتب ڪرڻ جي لاءِ چونڊيا ويندا آھن.
جنرل مشرف لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001 متعارف ڪرايو، ھن نظام ۾ ضلعي حڪومتون قائم ڪيون ويون. ِضلعي حڪومت جي اختيارن ۾ اضافو ڪيو ويو ۽ تعلقي سطح تي پڻ ھڪ مڪمل ڍانچو جوڙي بلدياتي ڪمن جو محور ڪيو ويو. اختيارن کي ڏسي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا اميدوار پڻ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي بلدياتي چونڊن جو حصو ٿيا ۽ بطور ناظم چونڊجي اختيارن جو مزو ورتو. ھن نظام ۾ بيوروڪريسي کي ناظمن جي ماتحت ڪرڻ اھم قدم ھو جنھن سان ڪافي ھنڌن تي بيوروڪريسي ۽ ناظمن جي وچ ۾ تضاد سامھون آيا. پئسي جي ريل پيل گهڻي ٿي، ڪرپشن عروج تي ھئي ۽ سٽيزن ڪميونٽي بورڊ جي نالي ۾ ڪميونٽي سينٽر وٺي وڏيرن ۽ انھن جي خاص ماڻھن پنھنجا گهر ۽ اوطاقون ٺھرايون.
ارڙھين ترميم کان پوءِ صوبائي حڪومتون مڪاني ادارن جي لاءِ قانون سازي جي حوالي سان با اختيار ٿي ويون. بلوچستان اسيمبلي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2010 ۾ پاس ڪري ڇڏيو جڏھن ته باقي صوبن 2013 ۾ قانون سازي ڪئي. صوبائي سطح تي پاس ٿيل قانونن مڪاني ادارن کي محدود اختيار ڏنا خاص طور تي ٽيڪس وصول ڪرڻ، پوليس ڊپارٽمينٽ، توڙي مالي اختيارن ۾ تمام گهٽ اختيار حاصل ھئا. صوبي جي چيف منسٽر کي اھو حق حاصل ھو ته ھو ڪنھن مڪاني اداري جي چونڊيل باڊي کي ٽوڙي سگهي ٿو يا انھي باڊي جي ھيڊ کي ھٽائي سگهي ٿو.
مڪاني ادارن جي تاريخ ۾ اھا حقيقت سامھون آئي آھي ته صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جو نظام پنھنجا بلدياتي اختيار يونين ڪائونسل، ميونسپل توڙي ضلع ڪائونسل جي حوالي ڪرڻ جي لا دلي طور تيار ناھي انھي جو بنيادي سبب ووٽ ڏيندڙ وٽ ووٽ جي بدلي ۾ گهر بلدياتي سطح جا ڪم آھن. انھن ڪمن جا ٺيڪا به چونڊيل نمائندا پاڻ کڻن ٿا ۽ انھن جي ڪمائي جو ذريعو به اھي ڪم آھن.
سياسي پارٽين کي اھا ڳالهھ سمجهڻ گهرجي ته جمھوريت جي مضبوطي ھيٺئين سطح تي اختيارن جي منتقلي سان ئي ممڪن آھي. مڪاني ادارن جون چونڊون لکين مقامي اڳواڻن کي ھڪ پليٽ فارم مھيا ڪن ٿيون، جتي انھن جي سياسي تربيت ٿئي ٿي، اھي فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ٿين ٿا ۽ عوام جي خدمت ڪن ٿا.
سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جون تياريون جاري آھن، موقعي جي مناسبت سان ساڃاھه وندن ۽ باشعور نوجوانن جي لاءِ ڪجھه صلاحون ۽ تجويزون عرض رکان ٿو.
- مڪاني ادارن جي تصور کان واقف ٿيو ۽ انھي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي لا پنھنجو ڪردار ادا ڪريو.
- پنھنجن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان سندن ڪردار يعني قانون سازي جي حوالي سان پڇا ڪريو، بلدياتي معاملن بابت ڪا به گهر نه ڪريو.
- چونڊن جي لا تياري مھم ھلندڙ آھي، يونين ۽ ضلعي سطح تي ھم خيال نوجوانن کي گڏ ڪريو ۽ اتحاد جوڙيو.
- سياسي تنظيمن ۾ جيڪڏهن ڪا جڳھه ملي ٿي ته ان جو ضرور حصو ٿيو ۽ پنھنجو موقف ۽ دلچسپي سياسي اڳواڻن جي اڳيان رکو پنھنجي اتحاد بابت ڄاڻ ڏيو.
- جيڪڏهن توھان جي با مقصد سوچ ھوندي ته توھان جي ترجيح مقامي سطح تي بھتر حڪمراني ھوندي ۽ انھي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لا توھان جي ڳولا ڪنھن با صلاحيت ماڻھن جي چونڊ لا ھوندي. اھو با صلاحيت ضروري ناھي توھان جي ڪڙم قبيلي، ذات ۽ مذھب سان تعلق رکندڙ ھجي.
- مڪاني چونڊ مھم دوران توھان جو ٽڪرا سماج ۾ قائم پراڻي جاگيردار نيٽ ورڪ سان ٿيندو جنھن جي ترجيح خانه پوري ۽ پنھنجا ٻولڙيا چونڊرائڻ ھوندي. ھنن چونڊن ۾ به جيڪڏهن توھان خاموشي سان انھي نيٽ ورڪ جي منشا تي ھليا ۽ پنھنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته توھان وڌيڪ چار سال وڃائيندو ۽ اڻ سڌي طريقي سان پراڻي نيٽ ورڪ جي حمايت ڪندو.
- توھان جي طاقت عوامي رابطو ھجڻ گهرجي، گھر گھر پھچي ماڻھن سان ڳالھايو، حقيقتن کان واقف ڪريو ۽ اھو انھي ڳالهھ تي زور ڏيو ته جمھوري طاقت جي مضبوطي صحيح ماڻھن جي چونڊ آھي. ھر دفعي غلط ماڻھو جي چونڊ نه ڪريون. گهٽ ۾ گهٽ ھن دفعي پنھنجي غلطي کي نه ورجايو.
- ھر ڳوٺ ۾ روشن خيال ۽ سٺي سوچ رکندڙ وڏي عمر وارا ماڻھو موجود ھوندا آھن، انھن سان ڳالھايو ۽ حمايتي پيدا ڪريو.
- ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ جي تريبت ڏيو، ضايع ٿيندڙ ووٽ جي تناسب کي گهٽايو ۽ ووٽ واري عمل ۾ شامل نه ٿيندڙ ماڻھن کي آمادہ ڪريو ته اھي ووٽ واري ڏينھن ھر صورت ۾ پولنگ اسٽيشن اچن ۽ ووٽ ڏين.