ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو

Editorial

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بدستور برقرار آهي. جڏهن ته ان خلاف احتجاجن جو سلسلو به جاري آهي. ڪلهوڪين اخبارن ۾ به پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج رپورٽ ٿيا آهن. ڦليلي ڪئنال جي نصير واهه مان نڪرندڙ نصير واهه ڊائون جي سوين آبادگارن سيد جمال شاھه جي درگاهه کان نوتڪاڻي موڙ تائين پيادل مارچ ڪري نوتڪاڻي موڙ وٽ ٽنڊوباگو-جهڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، آبادگارن چيو ته نصير واهه ڊائون ۾ گذريل ٽن مهينن کان وٺي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بااثر زميندارن آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري نصير واهه ڊائون مان غيرقانوني طور 21 ڪٽ، ونجيون ۽ سمورن واٽرڪورسن جا موڳا ٽوڙي ڇڏيا آهن. جنهن ڪري پوڇڙ جا آبادگار پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن. شھدادپور جي لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن لطيف پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. کپرو ۾ سرھل شاخ ۽ جمعا شاخ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. خيرپور جي مختلف علائقن جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳڙا ويجهو ھمير جي شاخ ۾ ٽن مھينن کان پاڻي نه ڏيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. بدين جي آبادگارن نصير ڪئنال جي شاخن خاص طور سانگي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ پاڻي جي چوري توڙي منڍ جا واٽر ڊيزائين نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ قائم آبپاشي کاتي جي آفيس سامهون احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.
ٻئي طرف جاتي ۽ ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڏڪار جھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ لڳي آهي، ساحلي علائقن کي پاڻي پھچائيندڙ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آھي، کوھه کارا ٿي ويا آهن علائقي واسي پيئڻ جي پاڻي لا پريشان آھن. هڪ پاسي سنڌ ۾ اها صورتحال آهي ٻئي پاسي اڳوڻي حڪمران پارٽي پي ٽي آ جي اڳواڻ فواد چوڌري ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙو بيان ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته “پيپلز پارٽي کي راضي ڪرڻ لا پنجاب جو پاڻي سنڌ کي ڏنو پيو وڃي.” اها اهڙي سوچ آهي جيڪا لڳاتار نفرتن جا ٻج ڇٽيندي رهي ٿي. سنڌ جا ننڍا وڏا واهه پاڻي نه هئڻ سبب سڪي ويا آهن، پر اڳوڻن حڪمرانن جا اهڙا بيان ايندا رهن ٿا. جن کي ڪنهن به ريت درست قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. نه رڳو سنڌ ۾ عوامي سطح تي پاڻي کوٽ خلاف دانهون ٿي رهيون آهن پر ساڳي وقت سنڌ سرڪار به سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جون دانهون ڪندي رهي ٿي. تازو ئي سنڌ سرڪار حصي جو زرعي پاڻي گھٽ ملڻ کي زرعي معيشت لا خطرو قرار ڏيندي چيو آھي ته سنڌ کي حصي جو زرعي پاڻي نه ملڻ سبب زرعي معيشت خطري ۾ آھي، وزيراعظم نوٽس وٺي. اهڙي صورتحال باوجود اڳوڻي وفاقي وزير کي سنڌ کي پاڻي ملڻ تي ارهائي آهي اسان سمجهون ٿا ته هاڻي اهڙي سوچ جو خاتمو اچڻ گهرجي.
هوڏانهن سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ پاڻي چوري خلاف ڀرپور آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وڏي وزير جي صدارت ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ بابت اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائي پاڻي جي ورڇ واري نظام کي شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته شهر کي گڏيل طور تي 406 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته 1000 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي گهرج آهي. وڏي وزير چيو ته “594 ايم جي ڊي وڏي کوٽ آهي، ڪيترائي علائقا هفتن جا هفتا انتظار ڪري رهيا آهن، سسٽم کي بهتر ڪري پاڻي ورڇ منصفاڻي ڪئي وڃي.” اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته سنڌ ۾ هاڻي پاڻي جي مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو وڃي. هر سال خاص ڪري هن مند ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي ويندي آهي، اهڙي صورتحال باوجود حڪمران اڃا تائين ان جي ڪا رٿابندي نه ڪري سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button