رانديون

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز متاثر ٿيڻ جو خدشو، متبادل آپشن تي غور

پي ٽي آئي جي امڪاني لانگ مارچ سبب يپدا ٿيندڙ ملڪي صورتحال سبب ويسٽ انڊيز خلاف ڪرڪيٽ سيريز متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب متبادل آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي. ميڊيا مطابق پي سي بي اختيارين کي پي ٽي آئي جي امڪاني طور ٿيندڙ لانگ مارچ ايونٽ بابت پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم 5 جون تي اسلام آباد پهچندي، 8، 10 ۽ 12 جون تي ون ڊي ميچ شيڊول ٿيل آهي، پر ملڪي سياسي صورتحال کي ڏسندي ميچن کي راوالپنڊي بدران ڪراچي يا ٻين شهرن ۾ منتقل ڪرڻ بابت مشورا ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن پي سي بي جي اختيارين پلان بي تي مشورن جي تصديق ڪندي چيو آهي تھ، متبادل شهرن بابت مشاورت اڃا تائين حتمي ناهي، ان تي ڳالهيون شروع ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن. جڏهن تھ ڪوبھ فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسين حڪومت سان مشوري بعد فيصلو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button