اشتهاربازي، مشهوري ۽ ناماچاريءَ جي بند گليءَ ۾ ڊوڙندڙ دنيا کي رڳو اهو نظر اچي ٿو جيڪو مشھوريءَ جي منڊپ چڙھيل آھي، ڇاڪاڻ ته دنيا جو صدين کان مزاج اهو رهيو آھي ته مشھور ماڻھن کي بنا ڪنهن اهليت جاچڻ جي ڳڻيو، ڳايو ۽ عهدن ۽ انعامن اڪرامن سان نوازيو وڃي. تاريخ به اهڙن مشھوري ماريل احوالن سان ڀري پيئي آھي، باقي ٻي خلق انھي ھڪ طرفي تاريخ جي اجتماعي قبر ۾ لٽيل آھي جنهن تي ڪوئي ڪتبو ناهي. دنيا جي اهڙي پٿر پوڄڻ واري لاڙي جي نابينائي جي نگاھھ کان ڪيئي هيرا موتي رهجي ويا آھن ڇاڪاڻ ته اهڙن ڏياوان انسانن کي مشھوريءَ جي ڏوليءَ نه ملي ۽ اهي اڻ ڳاتل رهجي ويا. ٿرپارڪر جي ڪس واري علائقي سان تعلق رکندڙ (ڪَسُ ٿر جو اھو علائقو آھي جيڪو سنڌوءَ جي سنئين پٽ يعني مٺي پاڻيءَ واري ڌرتيءَ سان لڳي ٿو ۽ کاري پاڻيءَ سان لڳندڙ دنگ جو نالو وَٽِ آھي) اهڙوئي هڪڙو گودڙيءَ جو گل پروفيسر مولا بخش محمدي آھي جنهن پنھنجي شاندار قلمي پورهئي وسيلي شاندار تخليقي وٿون ووڙيون آھن. گذريل ٽيهن سالن کان ھو تدريس جي ڪرت سان لاڳاپيل آھي. نئين ڪوٽ شھر کان نڪري جڏهن ٿر ڏانهن سفر ڪجي ٿو گلن جي موريءَ تان لنگهڻو پوي ٿو، اها الڳ ڳالھه آھي ته اتي ڪي گل ناهن، پر گلن جي موري کان ڏکڻ طرف ونگي ڏانهن ويندڙ رستو جڏهن ستون ميل پار ڪري ٿو ته روڊ جي ساڄي پاسي حاجي مڪو نهڙي جي نالي سان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي جنهن ۾ پروفيسر مولابخش محمدي نالي علم جي گلن يعني ڪتابن سان پيار ڪندڙ شخص آھي، جنھن 1965ع ۾ کورم نُک جي لعل محمد نھڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم جا سبق پنهنجي چاچي مولوي عبدالخالق کان پڙھيا. مختلف مدرسن ۾ پڙھندي درس نظامي جو ڪورس مڪمل ڪيو جنهن ۾ کيس تڪميل وارن ڏينهن ۾ “دارالرشاد” جهڙو مدرسو ڀاڱي ۾ آيو جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جھڙي نامور عالم ۽ اسٽريٽجسٽ بھ پڙھايو هو. انھي مدرسي ۾ نوجوان مولابخش کي سيد محب الله شاهه راشدي جهڙو يگانو عالم مليو، جنھن جي علميت سنڌ، عرب ملڪ ۽ جامعھ الاظھر تائين مڃيل ھئي. اھڙي عالم جي رهنمائي ۽ صحبت کيس علم جي اڻ مٽ رڱ ۾ رڱي لال ڪري ڇڏيو. اھڙي چڙھيل رڱ کي کُنڀ بھ کاري نھ سگھندو آھي. هن علم جي طلب کي اتي موقوف نه ڪيو، فاضل عربي، فاضل فارسي، فاضل اردو ۽ اديب سنڌي جا امتحان پاس ڪيا ۽ ايم اي اسلاميات ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان سواءِ لاهور مان فاضل لغت العربيه جو امتحان پاس ڪيو. عربي ٽيچر جي سکيا ۽ دعوت ۽ ادب جي سکيا جا مختلف ادارن مان ڪورس ڪيا. جن عالمن ۽ استادن اڳيان مولابخش محمدي گوڏو ڀڃي ويٺو سي تمام وڏا عالم ٿي گذريا آھن. جيئن سيد محب الله شاهه راشدي، مولانا الله بخش تنيو، مولانا عبدالحميد المري، مولانا محمد عمر جوڻيجو، مولانا محمد اسحاق جوڻيجو، مولانا ادريس جوڻيجو، مولانا محمد هاشم نهڙي، مولانا محمد طالب، مولانا يار محمد بلوچ،مولانا عبدالخالق نھڙي.
انهن عالمن جي صحبت منجهس مطالعي جو شوق پيدا ڪيو ۽ هن ڪتاب وٺڻ ۽ گهرائڻ شروع ڪيا اڳتي هلي انهي ميڙا چونڊي ڏهه هزار ڪتابن تي مشتمل “محمديه لائبريري”حاجي مڪو نهڙي جي صورت اختيار ڪئي، جتي ملڪ مان ۽ مختلف هنڌن تان ايندڙ ماهوار، ٽه ماهي رسالن ۽ اخبارن جو تعداد اٽڪل ٽيھه کن آھي ۽ اهو سلسلو جاري آھي نه ته ڪي ماڻھو ڏيکاءُ لاءِ ڪتاب رکن ٿا ۽ پاڻ ان مان ڪجھه به پرائين نٿا. پروفيسر مولابخش محمدي فارغ وقت ۾ دارالمطالعي ۾ موجود هوندو آھي ۽ مختلف هنڌن تان ايندڙ محقق به ھتي اچي پنهنجي تحقيقي سفر ۾ ساهي پٽيندا آھن ۽ پنهنجي سفر لاءِ گهربل موتي ميڙيندا آھن. هن لائبريريءَ ۾ قرآن شريف، حديث، تفسير، فقه، منطق، تاريخ، ادب ۽ ٻين علمن بابت چڱو موچارو ذخيرو موجود آھي.
مولابخش محمدي تعليم مڪمل ڪري ديني تعليم ڏيڻ جو ڪم شروع ڪندي مدرسه مظھرالعلوم ۾ درس نظامي پڙھائڻ شروع ڪيو ۽ عربي ادب اصول فقه ۽ علوم معاني جي تعليم ڏني. ھو پهرين آگسٽ 1986ع تي سرڪاري نوڪري ۾ عربي ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ کيس هاءِ اسڪول ڏتل لغاري ۾ مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ 2 فيبروري 1992ع تي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڪاليج مٺي ۾ مقرر ٿيو. ترقي ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پوءِ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪلوئي ۾ پرنسيپال طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آھي. ان کان سواءِ هن ڏيپلو ڪاليج ۽ سعيدپور ڪاليج ۾ پڻ نوڪري ڪئي. سندس پڙھائڻ انتهائي اثرائتو ۽ معنيٰ جي موتين سان مالامال آھي. سندس بيانيو اڻ ڌريو، متڀيد کان ڏور ۽ نج علمي آھي.
پڙھڻ پڙھائڻ سان گڏوگڏ هن لکڻ جو ڪم پڻ جاري رکيو ۽ ٿرپارڪر جو واحد اردو نثر نويس آھي جنهن جا هڪ هزار کان وڌيڪ تحقيقي ۽ علمي مضمون ڇپيل آھن. ٻئي طرف هن فارسي ۽ عربي نثر نويسيءَ جي بيڪران بحر ۾ پنهنجي قلم جو ڪميت ڊوڙايو آھي. سندس فارسي مضمون ايران جي جريدن ۾ شايع ٿيندا رهيا آھن. سنڌي ۾ سندس ٻه ڪتاب ( اسلام ڇا آھي ۽ مشاھير جو تذڪرو ) ڇپيل آھن. سندس لکت ۾ تحقيقي، علمي ۽ ادبي چاشني نروار نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو جن عالمن ۽ ليکڪن کان متاثر رهيو آھي تن ۾ امام ابن تيميه، شاه ولي الله، امام غزالي، علامه احسان الاهي ظھير، سيد قطب شھيد، حسن البنا شهيد، سيد ابوالاعلي مودودي، ڊاڪٽر اسرار احمد، ابوالحسن علي ندوي، علامه يوسف قرضاوي، راشدي برادران جهڙا نامور ليکڪ شامل آھن. عربي ۽ فارسي شاعريءَ کي حوالي طور استعمال ڪندڙ ٻھڳڻ ليکڪ اهڙو لکاري آھي جنهن کي لکڻ ۽ پڙھڻ سان عشق آھي. لکڻ پڙھڻ سندس اوڍڻ وڇائڻ آھي. سندس پگهار جو بچيل حصو ڪتابن ۽ رسالن جي خريداري تي وڃي ٿو. مزاجن انتهائي حليم، حيادار، مٺي گفتگو وارو مولا بخش جڏهن ڳالهائي ٿو ته هر هڪ کيس ٻڌڻ چاهيندو آھي. جيواڙي مزاج وارو هي ناميارو ليکڪ وچن وابستگيءَ جو اهڙ نباهيندڙ آھي جو مٺي ڳيچي جي مسجد ۾ جمع نماز پڙھائڻ ۽ خطبو ڏيڻ لاءِ گذريل چوئيتاليھن سالن کان پابندي سان وڃي ٿو. انھي ناتي نباھڻ ۾ کانئس ورلي ناغو ٿيو ھوندو.
ان ريت پروفيسر مولابخش محمدي اردو، سنڌي، فارسي ۽ عربي جو ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ پختو ليکڪ آھي پر هو ۽ سندس ڪتب خانو محمديه لائبريري گلن جي موريءَ کان ڪجھه ميلن تي جهنگ جي انهي مور جي خوبصورت ناچ جيان آھن، جنهن جي انھي من موھت منظر تائين مشهوريءَ جي ماريل دنيا جي انڌي اک نه پهتي آھي.