ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پ پ جو ڪردار

Editorial-Article-Umer Qazi

جڏهن 14 سالن کان وٺي سنڌ تي سرڪار ڪندڙ ۽ هاڻي وفاقي حڪومت ۾ حصيدار پارٽي، يعني پيپلز پارٽي عمران خان جي مذمت ڪندي اهو موقف پيش ڪري ٿي ته عمران خان ادارن جو مخالف ٿي ويو آهي ۽ ملڪ کي انارڪيءَ طرف گهلي رهيو آهي، تڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ڇو ته ميان شهباز شريف به اها ساڳي ڳالهه ورجائي رهيو آهي. عمران خان جهڙي طرح حڪومتي اتحاد کي ٽارگيٽ بڻائي رهيو آهي، ان سان اتحاد ۾ شامل پارٽين جي پريشاني هڪ فطري عمل آهي. ان جو خاص سبب اهو به آهي ته عمران خان اڪيلو ناهي. هن سان گڏ عوام جو اهو انبوهه آهي، جنهن جي سائيز ۽ جنهن جو جذبو ڏسي مسلم ليگ ن توڙي پيپلز پارٽيءَ جي پريشاني هڪ لازمي امر آهي. پر جڏهن پيپلز پارٽي اهڙن اشوز تي وفاقي حڪومت جي مذمت ڪري ٿي، جن اشوز سان سنڌ جي زندگي واڳيل آهي ته ان صورت ۾ حيرت جو پيدا ٿيڻ به هڪ فطري عمل آهي.
سنڌ ۾ هن مهل سڀ کان وڏو مسئلو پاڻيءَ جي کوٽ جو آهي. پاڻيءَ جي ايتري ته شديد کوٽ ٿي وئي آهي جو ماڻهو ان لاءِ اهڙي گرم موسم ۾ به گهرن مان نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. ظاهر آهي ته سنڌ جي حڪومت جي مٿان عوامي احتجاج جو دٻاءُ فطري عمل آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي حڪمران ڌر يعني پيپلز پارٽيءَ ۾ گهڻو ڪري اهي وڏيرا آهن، جن جي ڪمائيءَ جو ذريعو زراعت آهي. جيڪڏهن سنڌ جا عام ماڻهو پاڻيءَ جي کوٽ تي احتجاج ڪن ۽ پيپلز پارٽي ان طرف ڌيان نه ڌري، جهڙي طرح جوهيءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف تمام گهڻا احتجاج ٿيا پر جيئن ته ان کوٽ جو اثر پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي مٿان نه هو، ان ڪري پيپلز پارٽيءَ ان کي گهڻي اهميت نه ڏني. پر هن ڀيري پاڻيءَ جي کوٽ سبب پيپلز پارٽيءَ جا وڏيرا به پريشان آهن. ان ڪري سنڌ سرڪار جو تشويش ۾ اچڻ به هڪ فطري عمل آهي. اهڙي ماحول ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
پوري جڳ جهان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پويان پنجاب آهي ۽ پنجاب جي طاقت وفاقي حڪومت آهي. هن وقت جڏهن پاڪستان جو وزير اعظم لاهور ڄائو آهي ۽ هن جي دل ۾ پنجاب جي لاءِ تمام گهڻو پيار آهي ۽ اهو پيار پنجاب جي لوٽ کسوٽ کي قبول ڪري ٿو ته اهڙي ماحول ۾ سنڌ کي وفاقي حڪومت جي آڏو پاڻيءَ جي کوٽ جو ڪيس ڀرپور طرح سان پيش ڪرڻ گهرجي پر سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ان فرض کي ادا ڪري رهي آهي؟ ڇا پيپلز پارٽيءَ جو پنهنجي عوام سان ايترو سچو رشتو آهي جو اها هر شيءَ کي ڇڏي صرف ۽ صرف پنهنجي عوام جي حقن جو تحفظ ڪري؟ ڇا پيپلز پارٽيءَ ان سلسلي ۾ ڪک به ٻيڻو ڪيو آهي؟ فرض ڪيو ته هن مهل عمران خان جي حڪومت هجي ها ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي صورتحال اهڙي ئي هجي ها ته ڇا پيپلز پارٽي صرف مذمتي بيانن تائين محدود رهي ها؟ ڇا ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو موقف اهو نه هجي ها ته عمران خان سنڌ دشمن آهي ۽ هو ڄاڻي واڻي سنڌ کي سڪائي رهيو آهي. جيڪڏهن وفاق ۾ عمران خان وزير اعظم هجي ها ۽ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار هجي ها ته هتي اسان کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا پتلا سڙندا نظر اچن ها پر هن وقت اهڙي صورتحال آهي جنهن کي بيان ڪندي به حيرت محسوس ٿي رهي آهي.
سنڌ جو وڏو وزير مراد شاهه خانا پوريءَ خاطر بيان جاري ڪري رهيو آهي ۽ انهن بيانن ۾ هڪ بيان اهو به آهي، جنهن ۾ هن وفاقي حڪومت جي مذمت ڪئي آهي. ظاهر آهي ته ان قسم جو بيان هن دل سان نه ڏنو آهي. ان بيان ۾ هن جي پنهنجي مرضي شامل ناهي. اهو بيان هن مجبوريءَ جي عالم ۾ ڏنو آهي. پر هن کان پڇا ڪرڻ گهرجي ته هو وفاقي حڪومت جي مذمت ڪندي اصل ۾ ڪنهن جي مذمت ڪري رهيو آهي؟ هن وقت پيپلز پارٽي نه صرف حڪومت جي اهم ڌر آهي پر هيءَ اها پارٽي آهي، جنهن عمران خان کي هٽائڻ ۽ شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪڏهن پ پ نه چاهي ها ته اڄ شهباز شريف وزير اعظم نه هجي ها ۽ پ پ جي اهڙي ڪردار سبب عمران خان ايتري غصي ۾ آهي جو هن پنهنجي ذهن مان ان امڪان کي ئي خارج ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو پيپلز پارٽيءَ سان ڪڏهن ڪوئي اتحاد به ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ هن حڪومت جي لاءِ تمام وڏي سياسي قرباني ڏني آهي پر ان قربانيءَ جي موٽ ۾ سنڌ کي ڇا مليو آهي؟
پيپلز پارٽي پاڻ کي ڀلي پوري پاڪستان جي وارث پارٽي ڪوٺي پر حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي سياسي سگهه هن مهل سنڌ تائين محدود آهي. هوءَ دعويٰ ۾ ڪجهه به چئي پر عملي طور تي پيپلز پارٽيءَ جو سياسي وجود سنڌ تائين محدود آهي. ان سلسلي ۾ سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي. آصف زرداريءَ تازو اهو بيان ڏنو آهي ته سنڌ هن کي عزت ڏني آهي ۽ هو سنڌ کي ڪنهن به طرح سان نقصان نه ڏيندو. پر پاڻيءَ جي کوٽ جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا ان کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان پهچي سگهي ٿو؟ سنڌ جا ماڻهو هن مهل اڃ مري رهيا آهن پر پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت جي مذمت ڪري ٿي. ڇا وزير اعليٰ سنڌ کان اهو پڇا نه ڪرڻ گهرجي ته هن جو اهو موقف سمجهه کان مٿانهون آهي. ڇو ته اهڙي بيان سان ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي پارٽيءَ جي مذمت ڪري رهيو آهي. ڇو ته اڄ جيڪڏهن پيپلز پارٽي هٿ ڪڍي ته پوري شهباز حڪومت پٽ تي ڪري پوي. ان جو مطلب ته اهو ئي ٿيو ته اها پ پ جي حڪومت آهي ۽ پ پ شهباز شريف تي احسان ڪري هن کي وزير اعظم بڻايو آهي. هاڻي جيڪو وزيرا عظم پ پ جي ڪري ٿيو آهي، ڇا اهو پ پ کان پري ويندو؟ ظاهر آهي ته شهباز شريف ڪنهن به طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي مطالبي کي ٺڪرائي نه ٿو سگهي. خاص طور تي جڏهن اهو مطالبو جائز به هجي پوءِ ته پيپلز پارٽيءَ کي سينو ساهي پنهنجي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو شرم محسوس نه ڪرڻ گهرجي. پر عملي طور تي پ پ اهڙو ڪجهه نه ٿي ڪري ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اهڙي مجرماڻي عمل جي مذمت ٻيون سياسي ڌريون ته الڳ پر سنڌ جا صحافي ۽ اديب به نه ٿا ڪن. ڇو ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پ پ مان ڪو نه ڪو فائدو آهي. جڏهن سنڌ جو ضمير پ پ جي آڏو پنهنجي ڌرتيءَ جو ڪيس پيش نه ڪري سگهي. جڏهن سنڌ جو شعور پنهنجي قوم سان ٿيندڙ ڪلور جي باري ۾ خاموش ٿي وڃي ته پوءِ ان حال تي اسان جي حصي ۾ ماتم ئي بچي ٿو.
پيپلز پارٽيءَ پاران سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي جيڪو موقف اختيار ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به طرح سان قابل قبول نه هجڻ گهرجي. ڇو ته ڪا به ڌر پنهنجو پاڻ کان مطالبو نه ڪندي آهي ۽ ڪا به ڌر پنهنجي غلط عملن جي مذمت ڪري آجي نه ٿي ويندي آهي. وفاقي حڪومت پاران جيڪڏهن چشما لنڪ ڪينال کوليو ويو آهي ته اها پيپلز پارٽيءَ جي غلطي نه پر هن جي گناهه واري عمل جي صورت آهي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن سنڌ سان سچي آهي ته هن کي بنا وقت وڃائڻ جي فوري طور تي سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي جاري ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي اهو ڪجهه نه ٿي ڪري ته اها پاڻ کي پڌرو ڪري رهي آهي ته هوءَ سنڌ سان سچي ناهي ۽ هن جي ان ڪردار کي عوام تائين پهچائي ۽ عوام کي پنهنجي ڌرتيءَ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اتساهي اهو عمل ڪرڻ گهرجي، جنهن عمل سان باوقار قومون تاريخ ۾ اوچو ڳاٽ کڻي هلنديون آهن. جيڪڏهن سنڌ پنهنجا مفاد نه بچايا ته ان جو مطلب اهو ئي ٿيندو ته سنڌ پنهنجن ٻچن جي لاءِ ماءُ وارو ڪردار ادا نه پئي ڪري. هڪ ماءُ کي پنهنجي اولاد جي لاءِ انصاف جي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. جڏهن اسان لکون ٿا ته ڪرڻ گهرجي ته ان مان به هڪ قسم جي عجيب بوءِ اچي رهي آهي. ڇو ته ماءُ کي هي ڪرڻ گهرجي يا ماءُ کي هو ڪرڻ گهرجي وارو سوال ئي غلط آهي. جيڪا ماءُ آهي، اها پاڻ ئي اهو ڪجهه ڪندي جيڪو هڪ ماءُ کي ڪرڻ گهرجي. ماءُ کان مطالبو نه ڪيو ويندو آهي.
سنڌ پنهنجي اولاد جي اڃ بک کي ڪنهن به طرح سان برداشت ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته سنڌ جو ساهه ان جو عوام آهي. اهو عوام جيڪو اڄ پاڻيءَ جي لاءِ تڙپي رهيو آهي ۽ هڪ ماءُ جي لاءِ اهو منظر ڪنهن به طرح سان برداشت جوڳو ناهي ته ان جا ٻچا اهڙي طرح سان پنهنجي بنيادي ترين حق کان محروم رهن. سنڌ جي ماڻهن کي ان سلسلي ۾ پنهنجي شعور جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سياست جو ٽوڙ پيش ڪري سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته هوءَ هيٺ توڙي مٿي حڪومت ۾ هجڻ جي باوجود به سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڇو نه ٿي وٺي ڏئي؟ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي، جنهن جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ سان سچائيءَ وارو رشتو نه ٿو جڙي؟ جنهن قوم پيپلز پارٽيءَ جو ايترو ساٿ ڏنو هجي، ان قوم سان پ پ جي اهڙي ويساهه گهاتي ڪنهن به طور تي قابل برداشت نه هجڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ جو پ پ سان ڪو غيرمشروط عشق ناهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي باري ۾ سوچيندي ته سنڌ به پ پ جي سلسلي ۾ بهتر سوچ کي اهميت ڏيندي. جيڪڏهن پ پ ائين نه ڪندي ته سنڌ کي پٺ ڏيڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button