پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق عامر خان پنهنجي باڪسنگب ڪيريئر کي الوداغ هنن لفظن سان ڪيو آهي تھ، هاڻ منهنجو گلوز لاهڻ جو وقت اچي ويو آهي، 27 ورهين جي ڪيريئر تي فخر آهي، هي بهترين ۽ شاندار سفر رهيو. هن چيو تھ زندگي جو اهم فيصلو ڪرڻ دوران پنهنجي مداحن، دوستن ۽ خاندان جو ٿورائتو آهيان. هن چيو تھ هن راند سان جنون جي حد تائين پيار رهيو، ڪاميابيون هن سفر جون بهترين ياد آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close