آسٽريليا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر اينڊريو سائمنڊز ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي ٽائونزول واري علائقي ۾ رات جو 11 وڳي اينڊريو سائمنڊ خطرناڪ حادثي ۾ زندگي وڃائي، سندس گهرڀاتين واقعي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ شين وارن بعد 46 ورهين جي اينڊريو سائمنڊز جو موت ڪرڪيٽ آسٽريليا جي لا وڏو نقصان قرار ڏنو پيو وڃي. اينڊريو 1998ع ۾ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبو ڪيو، 198 ون ڊي، 26 ٽيسٽ ۽ 14 ٽي 20 ميچ کيڏي پاڻ مڃايو. جڏهن تھ هن ون ڊي ۾ 5088، ٽيسٽ ۾ 1462 رنسون ٺاهيون ۽ مجموعي طور 133 وڪيٽون وٺي آل رائونڊر طور پاڻ کي اڳيان آندو. اينڊريو سائمنڊ انگلش ڪائونٽي ۾ بھ شاندار نموني سان کيڏيو آهي. جڏهن تھ هن ٻھ ورلڊ ڪپ کيڏيا ۽ 2006ع ۽ 2007ع جي ايشز ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. هوڏانهن اينڊريو سائمنڊز جي موت تي ڪرڪيٽ جي دنيا سوڳوار ٿي وئي آهي. پاڪستان جي بابراعظم، شاهد آفريدي، شعيب اختر، آسٽريليا جي ايڊم گلڪرسٽ، ڊيمن فليمنگ، مائيڪل وان ۽ ٻين ڪرڪيٽرن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close