رانديون

ڪراچي ۾ هيٽ ويو سبب هڪ ٻيو رانديگر حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي: ڪراچي ۾ راند دوران ٻن ڏينهن ۾ ٻيون رانديگر حياتي وڃائي ويٺو. ڪراچي ۾ گرمي سبب راند جي ميدان ۾ ٻه ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن. ناظم آباد جي هڪ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ٻن ٽيمن وچ ۾ نمائشي ميچ ٿي رهي هئي جنهن ۾ ڪرڪيٽر عمر خان زينت اسپورٽس جي نمائندگي ڪري رهيو هو، 34 ورهين جو عمر خان ڪراچي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي بالنگ ڪندي ڪري پيو، عمر ميچ جو آخري بال ڪرايو جيڪو سندس حياتي جو به آخري بال ثابت ٿيو، کيس عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. ٻه ڏينهن اڳ لياري ۾ فٽبال ميچ بعد به ولي محمد هيٽ ويو شڪار ٿي زندگي جي جنگ هارائي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button